پوليس مان وڌيڪ فائدو ورتو وڃي

مير ذوالفقار چانڊيو

اڄ ڪلهھ سنڌ اندر پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي جنهن سبب سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل اڀ ڏاريندڙ نعرن سان گونجي رهي آهي، ھر پاسي ھاري ناري اڃايل سٻاجهڙا سنڌي ماڻهو،  پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ،، جھڙا نعرا ھڻي وقت جي حڪمرانن کي ابدي ننڊ مان سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر افسوس ته اڃا تائين ڪنھن به حڪمران جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي چري خير ھاڻ اصل موضوع جي طرف اچون ٿا ته ڇا واقعي ھر مسئلي جو حل پاڪ فوج آھي ؟؟ مون سميت ھر ذي شعور ماڻهو اھو جواب ڏيندو ته نه نه !! ملڪ اندر ھر صوبي جي لاءِ الڳ الڳ پوليس فورس قائم ٿيل آھي جيڪي ھر شھرن ۾ ٿاڻن توڙي پوليس چوڪين تي پوليس اھلڪار مقرر ٿيل ھوندا آھن جيڪي ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ 24 ڪلاڪ الرٽ ھوندا آھن صوبن اندر امن وامان کي بھتر بنائڻ لاءِ پوليس جون خدمتون سونھري اکرن ۾ لکڻ جي لائق آھن پوليس جوانن جي مقابلن ۾ شھادتون ڪنھن کان لڪيل نه آھن اھا حقيقت آھي ته سنڌ پوليس وٽ مڪمل سامان يا بليٽ پروف جيڪٽ گاڏيون نه ھجڻ باوجود ماضيءَ ۾  سنڌ پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري ٿي ته نتيجي ۾ شڪارپور جا پوليس جوان شھيد ٿين ٿا ان سان گڏ جيڪڏھن سنڌ سميت ملڪ ۾ ڪو به مسئلو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي ٿو ته پاڪ فوج جي جوانن کي طلب ڪيو ٿو وڃي جيئن اڄ ڪلھه سنڌ اندر پاڻي بحران آهي .

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي چوري روڪڻ لاءِ ڪجھه ڪينالن تي رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي جيئن پاڪ فوج جا جوان پاڻي جي چوري کي روڪي سگھن ماضيءَ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته صوبن اندر اليڪشن آھي پاڪ فوج کي طلب ڪيو ويندو آهي صوبن اندر زلزلا اچن پاڪ فوج اچي حالتن کي سنڀالي صوبن اندر ٻوڏ اچي رڪارڊ بارش ٿئي ته پاڪ فوج انتظام سنڀالي مطلب ته ھاڻي صوبن اندر ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي ٿو ته پاڪ فوج کي طلب ڪيو ٿو وڃي جيڪا سٺي نه پر خراب روايت آھي پاڪ فوج کي بار بار صوبن اندر گھرائڻ کان بھتر آھي ته صوبن اندر صوبائي پوليس کي بھتر کان بھتر بڻايو وڃي ته سڀ ڪجهھ بھتر ٿي سگهي ٿو.

 مطلب ته اڄ ڪلهھ سنڌ ۾ پاڻي جو بحران ھجڻ ڪري پاڪ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي جيڪا سنڌ اندر پاڻي چوري روڪڻ ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪندي ھتي ھڪ وڏو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ھر مسئلي جو حل پاڪ فوج آهي؟ حقيقت آهي جيڪو پاور سھولتون مراعتون پاڪ فوج جي جوانن کي ڏئي ڪري مسئلن کي حل ڪرڻ يا ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ گھرايو ٿا اھي سڀ سھولتون مراعتون توهان پنهنجي صوبي جي فورس تي خرچ ڪيو جيئن اھي صوبي اندر امن امان سان گڏ ٻين اڻوڻندڙ واقعن تي آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهي. باقي رهي ڳالهھ ته ھر ننڍي وڏي واقعي تي پاڪ فوج کي طلب ڪري سنڌ پوليس کي پوئتي ڪيو ويندو آهي جيڪو عمل سنڌ پوليس جي لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي حقيقت آهي جيڪڏهن توهان کي ھر مسئلي جي حل لاءِ پاڪ فوج کي طلب ڪرڻو آهي ته پوءِ پوليس کاتي کي ختم ڪري انھن جي اضافي بجيٽ کي بچايو وڃي پر افسوس سنڌ حڪومت سنڌ پوليس کي ھٿ سان وٺي ان کي پوئتي ڪري انھن جي عزت کي گھٽ ڪرايو ٿو وڃي جيڪو سٺو سنوڻ نه آھي انھن ڪمن سان ويتر پوليس جي عزت ۽ رعب ڪمزوري ڏانھن ويندو جيڪو عمل پڻ اسان وٽ تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي.

جيڪڏهن اھا روايت جاري رھي ته مستقبل ۾ سنڌ پوليس ڪمزور مان ڪمزور بڻجي ويندي جيڪو عمل پڻ امن امان جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو سنڌ صوبي سميت ٻين صوبن کي ان مسئلي تي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آھي باقي پاڪ فوج کي گھرجي ته ھو ملڪ جي حفاظت خاطر سرحد سنڀالي ته اڃان وڌيڪ بھتر ٿيندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.