چئُه! جو توکي چوڻو آ……

آصف علي عباسي/ سکر.

سنڌ کي پنهنجي حصي جوپاڻي آخر ڪڏهن ملندو؟

جيئن ته اوهان سڀني کي ڄاڻ هوندي ته هن وقت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ لاحق ٿي وئي آهي،اوٻاوڙي کان وٺي ڪراچي تائين عوام پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت وفاق مٿان سمورو بار اڇلائيندي پاڻ کي ان اهم مسئلي مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر انهن کان اسان جو صرف اهو سوال آهي ته هن وقت آبي وسيلن جو وفاقي وزير پ پ جو ئي آهي ۽ وري وڏي ڳالهه اها آهي ته وفاقي حڪومت ۾ به پ پ جي وڏي اهميت آهي پر پوءِ به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

 تازو ئي وزير اعليٰ سنڌ پاران پڻ پنهنجي بيان ۾ ارسا پاران تڪراري ڪئنال چشما ۽ جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ تي سخت مذمت ڪئي، جيڪا سوچڻ جي ڳالهه آهي ته آبي وسيلن جو وفاقي وزير پ پ ۽ سنڌ جو هجڻ باوجود سنڌ سان اهو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آخر ڇو؟ ان جو جواب آخر ڪير ڏيندو. جيڪڏهن ايئن ئي هلندو رهيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ جو سموري زمين بنجر ٿي ويندي ۽ عوام فصل نه ٿيڻ سبب بکون ڪاٽيندو جنهن جي سموري ذميواري وفاقي ۽ سنڌ حڪومت مٿان هوندي تنهنڪري اسان جي حڪومتن کي گهرجي ته سنڌ نه پر هر صوبي کي پنهنجي حصي جو سمورو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪنهن سان به زيادتي نه ڪئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.