سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون ۽ وڌندڙ عوامي مسئلا 

محمد اسماعيل لانگاھ 

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ صوبي اندر بلدياتي چونڊن واري اعلان کان پوءِ خاص طور صوبي جي وڏن سياسي ڀوتارن جي ننڊ ان ڪري حرام ٿي وئي آهي ته گذريل ٽن ورهين کان صوبي کي مسئلستان بڻائيندڙ سياستدان  پريشان آهن ته ڪهڙي منهن سان صوبي جي ڏُتڙيل ۽ مسئلن جي ماريل عوام کان ووٽ جي گُھرڪندا، ان لاءِ  انهن فارمولو طئي ڪري ڇڏيو آھي ان کان پهرين سياسي نمائندن خاص ڪري سنڌ جي ڀوتارن جي ڀر وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آھي انهن کي خبر آهي ته عوام هن وقت سخت ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ورتل  آهي ڇونه انهن ڀوتارن کي اڳيان کڻي هلجي جيڪي ماڻھن جون معيارون سهندا ۽ برادرين کي منهن به هو ڏيندا.

سو گذريل ٽن سالن کان عوام کي وساريندڙ سياسي نمائندن غريب عوام جون همدرديون حاصل ڪرڻ، ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان هن وقت وڏي پئماني تي ڪارنر گڏجاڻيون ۽ تعزيتون شروع ڪيون ويون آهن ملڪ جي مخالف جماعت پي ٽي آءِ اقتدار کسجڻ جي الزام هيٺ آيل پ پ خلاف عوام ۾ بغاوت جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو  آهي جڏھن ته صوبي جي غريب عوام سنڌ ۾  بدترين ناقص حڪمراني ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب  سخت پريشان آهي ۽ ان عوام کي بيوقوف بڻائيندڙ تڪ جي چونڊيل نمائندن چند ٽڪ عيوض ضمير وڪڻندڙ ماڻھن کي اڳيان آڻي عوام جون حمايتون وٺڻ شروع ڪيون آهن۽  چند ٽڪن عيوض آڇون ڏئي  وڌ مان وڌ پ پ ۾ ماڻھون شامل ڪرائڻ لاءِ  پ پ ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهي آهي.

پي پي  قيادت گذريل پندرنهن سالن اقتدار ۾ آهي  پر عوام کي جيڪي تڪليفون پيش اچي رهيون آهن ان حوالي سان پ پ ڪابه خاص ڪارڪردگي عوام آڏو پيش ڪري نه سگهي آهي عمران سرڪار کي هٽائي اتحادي حڪومت جو حصو بڻيل پ پ هن وقت ناقص حڪمراني ۽ مهانگائي جي ماريل سنڌ صوبي جي عوام سان جيڪي وساه گهاتيون  ڪيون سي عوام کان نه وسريون آهن سنڌ حڪومت  ٽن ورهين تائين عوام کي سواء ڏُکن تڪليفن جي ڪُجهھ نه ڏنو. سنڌ صوبي اندر گورننس نالي ڪُجهھ نظر نه آيو جڏھن غريب عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرايا پئي ويا عوام جون دانهون دنيا پئي ٻُڌيون ۽ پ پ خراب حڪمراني جا سمورا الزام پي ٽي آءِ سرڪار مٿان مڙھيندي نظر آئي نيٺ عمران سرڪار جو خاتمو ناقص حڪمراني سبب اڻٽر ٿي ويو. نيٺ ھن کي اقتدار تان هٽايو ويو 

پر سنڌ ۾ ٻنهي طرفن کان عوام جو ڪوبه درمان نه ٿيو پ پ جيڪڏھن چاهي هاته صوبي ۾ ترقي ٿي پئي سگهي پر لاقانونيت سبب پي ٽي آءِ سرڪار جي فيصلن جي سزا سنڌ جي عوام سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو. ان مهانگائي جي ماريل عوام ۾ سنڌ جي عوام سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت عوام کي ڪي به بنيادي سهولتون ميسر نه ٿي سگهيون روڊ رستا، پيئڻ جو صاف پاڻي صحت تعليم سميت ڪي به مسئلا حل نه ڪيا ويا ۽ صرف ئي صرف پنهنجي مفادن خاطر عمران سرڪار ڪيرائڻ جي سازشن جو حصو رهي جيڪڏھن پ پ کي عوام سان محبت آھي ته هو سنڌ جي ترقي تي ٿوري نظر ڪري رڳو قصور وار وفاق ناهي پ پ به برابر جي شريڪ آھي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پ پ سنڌ جي عوام کي وڌيڪ ڏُکارو بڻايو جيڪي ڏُک ورهين تائين وسارڻ جهڙا ناهن پ پ پنهنجو اعتماد بحال ڪرڻ خاطر ڀوتارن جو ڀرم وٺي  عوام کي بيوقوف نه بڻائي وقت ۽ سياست بدلجي رهيو آهي جيڪي ماڻھو مسجد نبوي جهڙي مقدس جڳهھ تي سياسي مخالفن کان پلاند پاڙڻ کان نه مُڙيا ۽ ھرهنڌ اهو رويو عوام جي اندر ۾ موجود آهي

پ پ کان جيڪڏھن اقتدار جي نشي ۾  عوام جا اهنج وسري به ويا آهن ته انهن ووٽرن کان ڏنل ڏُک ناهن وسريا جيڪڏھن سنڌ جا ٽُٽل روڊ رستا، تباه ٿيل اسپتالون اسڪول، واٽر سپلاءِ  اسڪيمون ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نظر نه آيون ورڪ دوران عوام جي دلين ۾ اهي درد سمائجي ويا آهن، پ پ سنڌ جي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ  جيڪي ترقياتي ڪم ڪيا آهن اهي سندن اڳيان آهن عمران سرڪار تي ڪرپشن مهانگائي جا الزام مڙھيندڙ پ پ سنڌ صوبي ۾ هٿرادو مهانگائي کان به عوام کي بچائي نه سگهي آهي جيڪا هن وقت هڪ موذي مرض جيان مسڪينن ماڻھن کي ويڙھجي وئي آهي ۽ٻيون بنيادي سهولتون صحت تعليم روڊ بلڪل تباهي ڪنڌي تي پهتل آهن ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن کان اڳ وري عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ  پ پ سرڪار دعوائون ڪندي ته عمران سرڪار اسان کي ڪم ڪرڻ نه ڏنا ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو ته عوام جي عام مسئلن ۾ اعلي سطح کان مداخلت ٿي آهي.

بحرحال پ پ عوام جا بنيادي مسئلا ڪيتري قدر  حل ڪيا آهن، ان حوالي سان پ پ پنهنجي موجوده حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي کي عوام آڏو رکڻو آهي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي عوام جا ڪهڙا ڪهڙا بنيادي مسئلا حل ڪيا ويا عوام هن وقت ڄاڻي چُڪو آهي ته هن ملڪ جي ستر سالن جي تاريخ ۾ غريب عوام جي تقدير  تبديل نه ڪندڙ سياستدانن مان بهتر فيصلن واريون اميدون ختم ڪري ڇڏيون آهن بس هاڻي هڪ ئي فيصلو طئي ڪيو ويو آهي ووٽن جو بائيڪاٽ، اهو ئي عوام وٽ بهتر فيصلي لاءِ  آخري آپشن رهيو آهي ان فيصلي جي موٽ ۾ سنڌ سرڪار ۽ پ پ عوام کي راضي ڪرڻ  لاءِ  ڪهڙو آپشن اختيار ڪري ٿي ۽ پنهنجي ٿيل ڪارڪردگي آڌار ڪهڙا نوان فيصلا عوام سامهون آڻي ٿي 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.