قد ڪاٺ وڌائڻ جي ڪوشش

غلام حسين جوڻو

جيئن ئي ، مڪاني چونڊن جو اعلان ٿيو آهي. تيئن ئي سياسي مداري ميدان تي اچي ويا آهن. سندن گاڏين ٻهراڙي جي ڳوٺن ڏانهن رخ ڪيو آهي. اهي گاڏيون، هن وقت روڊن ۽ رستن جي رونق بنيل آهن. روڊ به اهڙا ڀلا ٺهرايا اٿن جو ، رڳو ڌوڙ پئي اڏامي. بهرحال هاڻ چونڊيل نمائندا ٻيهر پنهنجي تڪن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. عوام کي سرسبز باغ ڏيکاري رهيا آهن. حسب عادت ، عوام کي ڪوڙا دلاسا ۽ ڏٽا ڏيئي ، همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا وتن ۽ اهو چئي رهيا آهن ته ، سندن پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪريو ته جيئن هو، وڌ ۾ وڌ اوهان جي خدمت ڪري سگهن. اوهان کي مشڪلاتن مان ڪڍن. اسان خدمت ۾ يقين رکون ٿا. سو ، هاڻ ڀينگ ڪونه ڪنداسون. پر، علائقي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنداسون. هتان جي ادارن مان سياسي عمل ۽ دخل ختم ڪري انهن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪنداسون ته جيئن اهي عوام لاءِ ، لاڀائتا ۽ فائديمند ثابت ٿيندا ۽ مسئلا حل ٿي سگهندا. خوشحالي جو دور شروع ٿيندو.

اهي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا به کوڙ ڪوڙا دلاسا ڏنا پيا وڃن. ڪوڙيون ۽ من گهڙت ڳالهيون ٻڌائي عوام کي بيوقوف ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ٿي ڇڏي وڃي. ويچارا سادا سودا ماڻهو سندن ڪوڙن کي سچ ۽ حقيقت سمجهيو ۽ اعتبار ڪريو سهڪار ۽ تعاون جو واعدو ڪريو ڇڏين. واعدو به اهڙو ٿا ڪن جو ، ان تان ڦرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هن وقت اهي وڏيرا ، ڀوتار ، زميندار ۽ سياسي مداري گهر، گهر وڃي ماڻهن سان ملي رهيا آهن ۽ عوام جا خير خواهه ٿي پيا آهن. ڪن ، هنڌن تي اسان جا نوجوان انهن تي گلن جي ورکا ڪري رهيا آهن. کين هار پارائيندا وتن. ان کان علاوه جمهريون هڻي رهيا آهن. رقص ۽ ناچ ڪري کين ڀليڪار چون ٿا. تاڙيون وڄائي سندن آجيان ڪئي پئي وڃي. وڏا نعره هڻي پنهنجو قد ڪاٺ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر، اهڙن نوجوانن کي اها خبر ڪونه آهي ته ، اهي هاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان کان پوءِ “ڪم لٿو ڊکڻ وسريو” جي مصداق وانگر هٿ به ڪونه ايندا. ڀلي ڳوليندا وتون. سبز باغ ڏيکاري ۽ سکڻا دلاسا ڏيئي ويا آهن. صرف عوام کان ووٽ وٺڻ مهل اهو ڪردار ادا ڪيو اٿن. باقي ، ان کان اڳتي ڪجهه به ڪونه آهي. ڪو به عملي ڪم ٿيڻو ئي ڪونه آهي. عوام جا سمورا خواب اڌورا اڌورا رهجي ويندا. سڀ اميدون خاڪ ۾ ملي وينديون. ماضي ۾ به ايئن ٿيو آهي ۽ هاڻ به ان چال کي ورجايو ويندو. ڪا به نواڻ ڪونه ايندي. عوام ساڳيو ئي سور ڀوڳيندو رهندو.

مطلب ته ، عوام جي اڪثريت ڀوتارن جو گرمجوشي سان استقبال ڪري رهي آهي. پر، هاڻ ٿوري تبديلي ڏسڻ ۾ اچي پئي ته ، ڪن هنڌن تي نوجوانن ڳٺ جوڙ ڪيو آهي. هو ، پاڻ ۾ متحد ٿي ويا آهن. ڀوتارن ، وڏيرن، سياستدانن، سردارن ۽ زميندارن جو استقبال ڪرڻ وارو رواج ختم ڪري ڇڏيو اٿن. هاڻ اهي ڀوتار انهن وٽ اچن ٿا ته ، کين اهو جوش و جذبو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. جيڪو اڳ ۾ هوندو هو. جهمريون ڪونه ٿيون هنيون وڃن. ناچ ۽ رقص به ڪونه ٿي رهيو آهي. اهي نوجوان ، پڇن  ٿا ته ، اوهان عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي! هيل تائين ڇا ڪيو اٿو؟ عام ماڻهو کي ڪهڙا فائدا ڏياريا اٿو. توهان جي حڪومت هوندي به نهري پاڻي ڪونه آهي. گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌندي پئي وڃي. مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري پئي. روزگار جا وجهه ۽ موقعا ڪونه آهن. امن و امان جي حالت خراب ڏسڻ ۾ اچي پئي. ادارا سياست  جي ور چڙهي ويا آهن. انتقامي ڪارروايون به تيز ٿينديون پيون وڃن. رشوت ۽ اقربا پروري جي بنياد تي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا. توهان ڪڏهن، ان باري ۾ سوچيو آهي. عوام جي خدمت ڪهڙي ڪئي اٿو. هاڻ ڪجهه نوجوان، ڀوتارن کان پڇن ٿا. ايتري قدر انهن همت ڪئي آهي جو، ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اميدوارن جي مقابلي ۾ نوجوان سندرو ٻڌي بيهي رهيا آهن. جنهن مان سمجهه ۾ ايئن ٿو اچي ته ، حالتون مٽجي رهيون آهن. جيڪي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ، انهن جي ضابطي کان ٻاهر ٿي وينديون. تڏهن اهي سياسي مداري پريشان حال ٿي ويندا ۽ آپي کان ٻاهر ٿي ويندا.

مٿيون بيان ڪيل ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي ڪافي حد تائين صحيح ۽ درست آهن. جن کي هر گز غلط چئي نه ٿو سگهجي. اهڙي ماحول ۾ به ڪي ماڻهو پنهنجي قد ڪاٺ وڌائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن. پنهنجو اگهه وڌائڻ جي ڪوشش ڪن پيا. سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن ۽ بااثرن جي اڳيان ۽ پويان پيا هلن. انهن کي خوش رکڻ لاءِ پيا موقعا ڳوليندا وتن. پنهنجي منهن پيا جمهريون ۽ نعره هڻن. جيڪي به پاڙي اوڙي ۽ يارن دوستن جا ووٽ ملي سگهندا اٿن سي وڏيرن کي ڏياري پاڻ کي اڳئين صف ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. هو، اهو هر گز ڪونه ڏسندا ته بااثر سياستدانن اسان جي واکاڻ ، تعريف ۽ ساراهه مان ڪونه پيا ڍاپندا. اهڙن ڪردارن ته وڏيرن جو مٿو ڦيرايو آهي ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. پر، غريبن جا قاتل ثابت ٿي رهيا آهن. اهڙا مثال کوڙ اکين آڏو آهن. ناظم جوکئي جو واقعو ڪنهن کان وسريو ڪونه آهي. ان کان اڳ ۾ ميهڙ ۾ چانڊيا برادري جا ٽي ماڻهو مارايا ويا. جن جو ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ آهي. ڪيترائي سال گذري ويا آهن. پر، اڃا فتويٰ جاري نه ٿي آهي. جڏهن ته فريادي ڌر سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهي ۽ انصاف جي ملڻ جي انتظار لاءِ واجهائيندي رهي ٿي. اهڙين گنڀير حالتن ۾ ، ڪي ماڻهو اهي سموريون ناجائزيون وساريو پنهنجي حيثيت کي مڃرائڻ لاءِ هر وقت ڪوششون تيز ڪندا رهن ٿا. هن وقت بلدياتي چونڊون ٿيڻ واريون آهن. هاڻ اهي پنهنجي ڪرتبن ۾ اڳئين کان به اڳرا آهن.

ياد رهي ته ، اسان جا سياستدان دنيا جي سپر طاقت آمريڪا کي راضي رکڻ لاءِ سڀ حدون اورانگهڻ لاءِ هر وقت تيار ۽ نروار هوندا آهن. بلڪل اهڙي طرح ڄاڻايل ماڻهون به بااثرن کي راضي رکڻ لاءِ وسان ڪونه گهٽائين ٿا . ابن ، ڏاڏن ۽ سمورن وڏن کان وٺي نڀائيندا اچن . سندن قبلو اڄ به ساڳيو آهي . سندن سوچ ۾ ڪوبه فرق ڪونه اچي سگهيو آهي . البته تمام ٿورا ماڻهون پنهنجي رخ کي تبديل ڪري چڪا آهن . باقي ڏھ ئي ڏوڪڙ لسا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪنهن کي ميار ڏجي ، ملڪ مڙوئي منصور لڳو پيو آهي . اسان سڀني کي پنهنجو ملهه وڌائڻ ۽ قد ڪاٺ (حيثيت) ظاهر ڪرڻ لاءِ ، سڀ کان پهريائين پنهنجي گريبان کي ڏسڻ گهرجي ۽ ملڪ جي سمورين حالتن جو جائزو وٺڻ گهرجي. پوءِ ڪنهن رخ ڏانهن هلڻ جو تعين ڪجي. جنهن مان ڪو مجموعي فائدو حاصل ٿي سگهي ۽ عوام کي ترقي  جي راهن تي گامزن ٿيڻ لاءِ ڪا ، راهه هموار ٿي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.