روس جي جنگ جو فائدو قطر کي ٿيو…

پرڏيهي واءُ سواءُ

وچ اوڀر جو ملڪ قطر هن وقت عالمي ميڊيا جو مرڪز بڻيل آهي. هن ملڪ جي آبادي رڳو ٽيهه لک ٿيندي پر اهو دنيا جي شاهوڪار ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو. روس يوڪرين بحران کانپوءِ هن ملڪ جي ڀاڳ کلي ويا آهن، اڳي ڪيترا ئي ملڪ روس کان قدرتي گئس ۽ تيل خريد ڪندا هئا پر هن وقت روس حالت جنگ ۾ آهي، جنهن ڪري هڪ ته روز ان مٿان ڪا نه ڪا پابندي لڳندي رهي ٿي ٻيو ته جنگ هلندي روس مان دنيا کي توانائي جي فراهمي رڪجي وئي آهي، جنهن جو پورائو ڪرڻ جي لاءِ هي ننڍڙو ملڪ قطر سامهون آيو آهي. روس يورپ جي ملڪن جي اٽڪل 40 سيڪڙو گئس جي ضرورت پوري ڪندو هو، يورپ اڳ ئي ٻين ملڪن سان گئس ماڻڻ لاءِ معاهدا ڪرڻ شروع ڪيا هئا.پر روس جي گئس واري کوٽ پوري  ڪرڻ ناڪافي ٿي ويو هو جنهنڪري قطر کي اهو موقعو ملي ويو آهي، هن وقت گئس جي خريداري وڌڻ سان هي ننڍڙو ملڪ بهترين پوزيشن ۾ اچي ويو آهي.

قطر جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هن ملڪ پنهنجي گئس جي ذخيرن جي صلاحيت  سال 2027 تائين جي لاءِ 60 سيڪڙو وڌائڻ جي رٿا تي ڪم شروع ڪري ڏنو هو. هن وقت جي يورپ سان ايل اين جي واري قيمتن تي سودو ٿي ٿو وڃي ته اهو قطر جي معاشي سگهه کي گهڻو مضبوط ڪري ڇڏيندو.

قطر جو سياسي ڍانچو پڻ ان ۾ ڪنهن نقصان جي بجاءِ فائدو ئي ڏيندو ڇاڪاڻ جو هڪ نيم بادشاهت واري نظام ۾ ڪنهن معاهدي جي لاءِ ڪا گهڻي ڊيگهه پٽاڙ نه ٿيندي.

جيتوڻيڪ ڪيترا ئي يورپي ملڪ قطر جي سياسي نظام کي آمراڻو قرار ڏين ٿا پر قطر انهن الزامن کي هميشه رد ڪندو آيو آهي.ايمنسٽي انٽرنيشنل غير ملڪي افرادي قوت سان قطر جي ورتاءُ جي نندا ڪندي رهي آهي. ۽ پورهيتن جي استحصال جي لاءِ پڻ قطر تي الزام لڳندو رهي ٿو.

قطر جي هڪ گئس جو نالو عزائمايل اين جي ريفريجريٽيڊ گئس آهي، جنهن جي قيمت قدرتي گئس کان وڌيڪ آهي پر اها گئس هڪ کان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ ۾ آسان آهي، جياڪ جهازن تي لوڊ به ڪري سگهجي ٿي.جنهن کي لکين ميل پري به کڻي وڃي سگهجي ٿو. هن تازو پنهنجي گئس جي ذخيرن جي صلاحيت 4 سيڪڙو وڌيڪ وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي،جنهن لاءِ قطر کي پنهنجي استرڪچر کي وڌائڻ تي ڪم ڪرڻو آهي.

هن وقت نه رڳو جرمني پر ڪيترائي ئي ٻيا يورپي ملڪ به هن سان گئس بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

جنگ ۾ ڦاٿل روس پولينڊ ۽بلغاريا جي سپلائي روڪي ڇڏي آهي، هاڻي سوئٽزر لينڊ ۽آمريڪا جي في فرد دولت جي لحاظ سان لڳي ٿو ته جلد ئي قطر وڌيڪ امير ملڪ ٿي ويندو.هن وقت اٽڪل 80 سيڪڙو ايل اين جي قطر ايشا جي ملڪن کي برآمد ڪري ٿو.جنهن ۾ ڏکڻ ڪوريا،هندوستان،چين۽ جاپان اهم آهن،چين هن سان 15 سالن وارو معاهدو ڪيو آهي جنهن سان هو دنيا جو سڀني کان وڌيڪ گئس خريد ڪندڙ ملڪ ٿي ويو آهي.

اهو سڀ ڪجهه ايترو جلدي نه پيو ٿئي ان ۾ وقت لڳندو پر هن وقت قطر وٽ عالمي منڊين جي حالت ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته وٽس فائدي کڻڻ جو بهترين موقعو آهي.

ماهرن موجب قطر جي معيشت هن سال 4 سيڪڙو وڌي ويندي، اهو 2015 کان پوءِ قطر جي معيشت ۾ وڏي مثبت اڳڀرائي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.