پاڻي جو بحران

سيما عباسي

سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال ھڪ شاھوڪار صوبو آھي۔ ڪو وقت ھو جڏھن سنڌ دريائي بندرگاھ جي مدد سان وڻج واپار جي ڪري پري پري تائين مشھور ھئي۔ سنڌ جي پاڻي جو مسئلو ڪا نئين ڳالهھ ناھي۔ سنڌ جي پاڻي جي وسيلن جو واحد ذريعو سنڌو درياءُ آھي۔ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ پڻ ڪيتري ئي عرصي کان جاري آھي.

پاڻي جي ورھاست جي حوالي سان ارسا نالي ھڪ ادارو 1992ع کان ڪم ڪري رھيو آھي۔ ھن اداري جو رويو سنڌ سان سدائين ناانصافي وارو رھيو آھي 1991ع ۾ صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ٺاھ جي حوالي سان جيڪا فضا جوڙي وئي ھئي۔ سا به مختلف بدگمانين جي ور چڙھي پنھنجو اثر وڃائي ويٺي آھي۔ سکر بئراج جي ڪنٽرول ۾ سدائين ٽن بئراجن کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ ٻڌائي ويندي آھي۔ ھن وقت به سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي۔ جنھن سبب سنڌ جي سڀني بئراجن ۾ پاڻيءَ جي قلت پيدا ٿي وئي آھي۔ لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي رھي آھي۔ سموري سنڌ ۾ ننڍن وڏن زميندارن جو احتجاج جاري آھي۔ زرعي ماھرن پاڻي جي شديد کوٽ سبب مستقل ۾ زرعي پيداوار کي شديد خساري جي امڪان ھيٺ اچڻ جو چتاءُ ڏيئي ڇڏيو آھي۔ ڪجهھ ڏينھن اڳ فواد چوڌريءَ پاڻي جي حوالي سان جيڪو بيان جاري ڪيو ھو۔ ان کي ٻڌي سنڌ ۾ ويتر مايوسي پکڙجي وئي۔ ان حوالي سان سڀني سنڌين جي ذھن ۾ اھو فطري سوال اڀري اٿي ٿو ته آخر ھر سال سنڌ سان اھا حالت ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ ڏٺو وڃي ته ان حوالي سان  سنڌ سان سدائين ناانصافي ٿيندي رھي آھي۔

آخر سنڌ جي حقن تي اھو ڌاڙو ھڻڻ ڪڏھن بند ڪيو ويندو؟ ارسا جو سنڌ سان ناانصافي وارو ھي رويو اڄ جو ڪونھي۔ پنجاب جون زمينون ھر سال بھتر کان بھتر نموني زرخيز ۽ آباد ٿينديون رھن ٿيون۔ ڪارڻ اھوئي آھي ته انھن کي وقت سر ججھو پاڻي ملي وڃي ٿو ۽ سنڌ جي زمين ھر سال وڌيڪ بنجر ٿيندي وڃي پئي۔ پاڻيءَ جي اھڙي غير منصفاڻي ورڇ ڏسي تڪليف ٿئي ٿي۔ آخر اھو نظام ڪڏھن ٺيڪ ٿيندو؟ ۽ ٻي ڳالهھ ته سنڌ کي جيترو پاڻي ڏنو وڃي ٿو، ان مان سڀ کان پھريان پير، مير، وڏيرا ۽ جيڪي وڏا زميندار آھن اھي پنھنجي ٻنين جي اڃ اجھائن ٿا تنھن کان پوءِ وري بچندڙ پاڻي ننڍن زميندارن کي ڏنو وڃي ٿو جنھن ۾ پوڇڙي وارن زميندارن جو حال تمام بي حال آھي۔ جيئن بدين، ٺٽو ۽ ٻيا به اھڙا ڪيترائي علائقا جنھن جي اڪثر شاخن ۽ واھن ۾ پوڇڙي تائين پاڻي ناھي پھچي سگھندو۔ نتيجي ۾ زرعي پيداور بھتر ناھي ٿي سگھندي ۽ ٻيڻو ٻني تي ٿيل خرچ گھران ڀرڻو پوي ٿو۔

پوڇڙي وارا زميندار سدائين دانھون ڪري ڪري ٿڪجي پوندا آھن پر انھن جي دانھن جو ڪوبه درمان ڪونه ڪيو ويندو آھي۔ آبپاشي کاتي وارا عملدار پڻ پنھنجا نوازي ۾ مصروف عمل نظر اچن ٿا۔ اھي پڻ مُنڍ جي وڏن زميندارن جو گھڻو خيال رکندي واٽرن تي غير قانوني رعائيتون ڏيئي پوڇڙي وارن لاءِ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪن ٿا۔ نتيجي ۾ پوڇڙي وارن زميندارن جون زمينون بنجر ٿي وڃن ٿيون۔ گذريل سال پڻ آبپاشي وزير ڄام خان سوري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي اعتراف ڪيو ھو ته سنڌ ۾ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ٿيڻ سبب پوڇڙي تائين پاڻي ڪونه ٿو پھچي سگھي جنھن ۾ آبپاشي کاتي جي نا اھلي پڻ شامل آھي۔ سنڌ کي ساليانو 24 ملين ايڪڙ فٽ گھٽ پاڻي ملي رھيو آھي۔ ڇو ته وفاق ۽ ارسا پاران سنڌ سدائين نظر انداز ٿيندي رھي آھي۔

حقيقت اھا آھي ته 1991ع پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ کي ساليانو 48 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ملڻ گھرجي پر ارسا پاران سنڌ کي %50 پاڻي گھٽ ڏنو وڃي ٿو۔ ان کان علاوه 1991ع واري ٺاھ ۾ جھلم سي جي لنڪ ڪئنال جو ڪو به تذڪرو ڪونھي۔ جڏھن ته اھي ٻئي ڪئنال ان وقت وھائي سگھجن پيا  ڇو ته سنڌو درياءُ جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جا وھڪرا وھندا رھندا پر موجوده خطرناڪ صورتحال ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب پوري سنڌ ۾ ڪينجھر ڍنڍ سميت پاڻي جا ذخيره تمام گھڻا گھٽجي ويا آھن۔ ڪينجھر ڍنڍ ۾ کوٽ سبب ڪراچي ۾ به پاڻي جي بحران جو خدشو پيدا ٿي پيو آھي۔ زراعت جي تباھي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب غريب ھاري خودڪشين ڪرڻ تي مجبور نظر اچن ٿا۔ جن ماڻھن جو گذارو ئي ٻه ويسا زمين جي زراعت تي ھجي ۽ پاڻي نه ملڻ سبب ان جو فصل تباھ ٿي وڃي ته اھڙا ماڻھون پريشاني سبب ذھني مريض نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو۔۔۔۔۔؟ ويچارا آبادگار تڪليفن سان منھن ڏيندي فصل پوکين ٿا پھرين ته پاڻي نه ملڻ سبب فصل ٿين ئي ڪونه خوش قسمتيءَ سان جڏھن ٿورو گھڻو فصل جڙي راس ٿين ته وري سرڪار پاران انھن آبادگارن کي مناسب اگھه نه ٿو ڏنو وڃي۔ غريب ماڻھون وڃي ته ڪاڏي وڃي۔۔۔؟

پاڻي جي کوٽ سبب ٻيا به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي پون ٿا۔ مثال طور جڏھن پاڻي جي قلت ٿئي ٿي ته پيئڻ جو صاف پاڻي پڻ ميسر ناھي ھوندو۔ ڳوٺن ۾ گھرن جا مرد  عورتن کي پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور ڪن ٿا۔ جنھن سبب عورت لاءِ ٻٽي مصيبت اچي وڃي ٿي۔ سنڌ ۾ پاڻي جو بحران عورتن لاءِ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪري ٿو  ڇو ته سنڌ جون عورتون پاڻي جي قلت جو سڀ کان گھڻو عذاب ڀوڳين ٿيون ڇاڪاڻ ته انھن کي ڪپڙا لٽا ڌوئڻ، ماني ٽڪي پچائڻ يا پاڻي وغيره ڀرڻ جھڙيون گھريلو زميداريون ھجن ٿيون۔ پاڻي جي بحران جو بنيادي سبب پاڻي جي نامناسب ورڇ ئي آھي.

وفاقي حڪومت کي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان ڪا سنجيده حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي۔ آخر سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي منصفاڻي ورڇ تحت ڇو نه ٿو ڏنو وڃي۔ ان کان سواءِ سنڌ حڪومت کي پڻ گھرجي ته واھن ۽ شاخن مان چوري ۽ غير قانوني استعمال ٿيندڙ پاڻي لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻي۔ جنھن سان مُنڍ ۽ پڇڙيءَ جي سڀني آبادگارن ۾ پاڻي جي قانوني طور برابر ونڊ ورڇ ٿي سگھي۔ جيئن ننڍا وڏا آبادگار خوشحال زندگي گذاري سگھن۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.