عمران خان، آمريڪا جو ئي تيار ڪيل آهي

محمد عمر خان

آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ پاران تيار ڪيل سپر سونڪ  گھوڙي  عمران خان نيازي انتهائي ڪاميابي سان اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ  جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،ان کان اڳ جو  عمران خان نيازي جي بيانيئي جي چير ڦاڙ ڪجي سندس ماضي جي جهروڪن کي جاچڻ جي  ڪوشش ڪريون. ٿا.

1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڪهڙو مسلمان هوندو جيڪو  جمال عبدالناصر جي نالي کان واقف نه هوندو. هن مصر جي شاهه فاروق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ظاهر ي طو ر تي  آمريڪا مخالف اڳواڻ طوروچ اوڀر ۾ اڀري آيو ۽ جلد ئي مسلم دنيا جو هيرو بڻجي ويو،هو پنهجي تقريرن جنهن قدر آمريڪا جي خلاف زهر اوڳاڇيندو هو  ڪو سوچي به نه پئي سگهيو ته هو آمريڪا جي ايف بي آءِ کيس اهي تقريرون لکي ڪري ڏيندي هوندي.پر اها هڪ حقيقت آهي، جنهن جو انڪشاف خود آمريڪي سي آءِ اي جي ڳجهن دستاويزن ۾ موجود آهي.

اڄ جيڪي ماڻهو عمران خان نيازي جي اينٽي آمريڪا بيانيئي سان  بيٺا آهن، انهن کي خبر هئڻ گهرجي ته عمران نالي هن گهوڙي جي آبياري ڪيترن ئي سالن کان هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪي سي آءِ اي ڪئي آهي.هي انهن جو ئي پاليل  آهي.

جڏهن مان اهو عذر بيان ڪري رهيو آهيان. ته اوهان جي ذهنن ۾ اهو سوال يقينن اڀرندو هوندو ته آمريڪا کي ان جي ضرورت ڇو  پيش پئي؟

ان لاءِ عرض آهي ته  2014 ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت طرفان چيني صدر شي جن پنگ کي اسلام آباد جي دوري جي دعوت ڏني وئي هئي، چيني صدر جي ان دوري جي موقعي تي 60 ارب ڊالرز جي معاهدا ٿيڻا هئا،اهي انهن 27 ارب ڊالرز کانسواءِ هئا جيڪي گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ منصوبي تي ان وقت تائين چيني حڪومت اڳ ئي سيڙپڪاري ڪئي هئي.

ان نئين معاهدي تحت پشاور کان ڪراچي .لاهور کان نئين دهلي ،ڪلڪتي ۽ايران تائين ايم ايل ون منصوبي تحت ريلوي ٽريڪ وڇائڻا هئا، ان سان گڏوگڏ سي پيڪ ۽ ون روڊ ۽ ون بيلٽ پراجيڪٽ شامل هئا.جنهن جو مقصد وچ  ايشيا، روس ، يوڪرين ، ترڪي، يورپ، آفريڪا ۽ آمريڪا کنڊکي زمين جي ذريعي ڳنڍڻ هو جيئن  زميني واپار کي هٿي ڏئي سگهجي.

جڏهن ته سي پيڪ منصوبي تحت پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 9 صنعتي زون قائم ٿيڻا هئا، جن سان لکين پاڪستاني نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿي سگهن ها، ان کانسواءِ سڄي دنيا جا سيڙپڪار به ان منصوبي ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، جنهن سان اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي سگهي پئي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي ته ملڪ هڪ خوشحال ۽ خودمختار ملڪ ۾ تبديل ٿي سگهي ها..

پر آمريڪا کي اها ڳالهه ڪنهن به طرح نه پئي وڻي ،ته چين معاشي ۽ فوجي لحاظ کان دنيا جي اڳواڻي ڪري ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ سپر پاور جي حيثيت سان اڀري، تنهنڪري هن، سي پيڪ ۽ ون روڊ اينڊ ون بيلٽ منصوبي خلاف سازشون شروع ڪري ڇڏيون ۽ ان جي مقابلي ۾ ڪواڊ جي نالي سان هڪ اتحاد قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، برطانيا، جاپان، ڪوريا ۽ ڀارت شامل آهن، ۽ هڪ ڀرپور منصوبابندي ذريعي نريندر مودي کي هندستان جو حڪمران بڻايو ويو، جنهن جي سموري سياست جو بنياد  نفرت تي ٻڌل آهي،۽ پاڪستان ۾ عمران خان مديني جي رياست جو نعرو لڳايو ۽ نريندر مودي رام راج جو نعرو لڳايو ۽ انهن ٻنهي جو ماسٽر مائينڊ اهو هڪ ئي آهي، يعني آمريڪي سامراج جنهن جي ڪري پاڪستان اڄ بحران جي ڪناري تي پهتل آهي. .

ان اتحاد جو بنيادي مقصد عوامي جمهوريه چين جي وڌندڙ اثر رسوخ کي روڪڻ ۽ پاڪستان ۾ سي پيڪ۽ گوادر جهڙن منصوبن کي تاراج  ڪرڻ  آهي.توهان کي ياد هوندو ته سعودي عرب ۽ ڪويت جي حڪومتن هندو انتهاپسند مودي جي حڪومت ۾  110 ارب ڊالرن جي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري شروع ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب خود گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ جي حق ۾ ناهي.

ان سموري صورتحال ۾ آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ نواز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هئا، جنهن کي هٽائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽پاڪستان جي اسٽيبلسمينٽ ۽اعليٰ عدليه گڏجي ڪري نوازشريف کي سياست مان هميشه جي لاءِ نااهل قرار ڏياريو ويو ۽مهري طور سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي  استعمال ڪيو ويو.نه رڳو ايترو پر مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي خلاف منفي پروپيگنڊا جي مهم شروع ڪئي وئي، جيڪا اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي.

ان  منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾،اسٽيبلشمينٽ، ميڊيا، اعليٰ عدليه ۽ عمران خان  اهم ڪردار ادا ڪيو،جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته  ميان نواز شريف جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي،جيڪا اڄ به جاري آهي،اسان جو غير سياسي وچولو طبقو عمران خان جي ڪرپشن جي ڪوڙي بيانيئي  ۾ ڦاسي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني عوام ۾ آمريڪا خلاف سخت نفرت آهي. جنهن جو آمريڪي ايجنٽ عمران خان جو ڀرپور فائدو ورتو آهي

عمران خان نيازي جي اقتدار ۾ اچڻ سان  سي پيڪ منصوبي ۽ گوادر پورٽ رٿائن کي تالو لڳايو ويو ، جنهن ڪري اسان جو دوست چين اسان سان سخت ناراض پڻ آهي،ٻئي پاسي عمران خان جي پوڻي چئن سالن جي دور ۾ ملڪ ذري گهٽ موت جي ويجهو پهچي چڪو آهي يعني  ڏيوالو نڪري ويو آهي. ڊالر جو اگهه 98 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي، بک ۽ بدحالي سبب عوام دانهون ڪري رهيو آهي.

اها ڳالهه هاڻي ڳجهي نه رهي آهي ته عمران خان هڪ سيلڪٽيڊ حڪمران هو، جنهن کي سندس سليڪٽرن طرفان تخت تي ويهاريو ويو هو.اڄ انهن سليڪٽرن ۾ به عمران خان بابت ويڙهه هلندڙ آهي.

پاڪستان جي عوام کي گذارش آهي  ته اهو عقل ۽شعور  جو مظاهرو ڪري ۽ وطن جي خلاف ٿيندڙ هن سازش کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري، ٻي صورت ۾ آمريڪا هن ملڪ کي تباهه ڪرڻ جو هي سونهري موقعو وڃائڻ نه ڏيندو. اهو ئي آمريڪا اڳ  کان وڌيڪ طاقتور ڪري  عمران خان کي ٻيهر آڻڻ جي ڪوشش ڪندو..آخري ڳالهه هي  آهي ته آمريڪي سامراج خلاف سکڻا نعرا هڻڻ تي آمريڪا مخالف نه ٿيندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.