قادريءَ جو ڪرم نه غير مشروط غيبي مدد

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ جو حقيقي آزاديءَ واروجهاز ميانواليءَ  کان اڏام شروع ڪري چڪو آهي، پر اصل امتحان ته لانگ مارچ سان شروع ٿيندو، نامياري صحافي غريده فاروقي پنهنجي تجزئي ۾ چيو آهي ته عمران خان 2014ع  ۾ وڏا وڏا جلسا ڪيا هئا، جن  ۾ هزارين لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا  هئا پر ڌرڻي جو حال احوال سڀني جي آڏو آهي، رات جو رونق ۽ ڏينهن جو ڪئمپ ويران هوندي هئي، جڏهن ته ان وقت عمران خان کي غير مشروط غيبي مدد حاصل هئي ۽ علاما قادري جي ڪرم نوازي به هئي، جلسن ۾ مانهو اچي ويندا آهن پر ڌرڻن ۾ جلسن جهڙي شرڪت ناهي هوندي ، اهو به سوال آهي ته ڇا عمران خان رات ڏينهن ڌرڻي ۾ هوندي، کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ جو انتظام ڪينٽنر ۾ ئي هوندو يا ماضيءَ جيان رات جو اچي خطاب ڪري هليو ويندو، ڇا ڌرڻي سان حڪومت هلي ويندي يا پنڊيءَ  کي فيصلي تي مجبور ڪيو ونيدو ته ان جو گذريل 30 سالن ۾ ته مثال نٿو ملي ۽ هن ڀيري ڪاميابي ته نظر نه ٿي اچي ان کان ته عمران خان لاءِ بهتر آهي ته پارليامينٽ ۾ اتحادي حڪومت کي مشڪل وقت ڏئي خاص طور بجيٽ اچڻ واري آهي ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ها. مارچ ۽ ڌرڻي جومزو ته مولانا فضل الرحمان به وٺي چڪو آهي حاصل مقصد ته مارچ يا ڌرڻن سان به ڪا حڪومت نه ڊهندي نه ٺهندي آهي، هن ڀيري عمران کي نه قادري جو ڪرم ۽ نه غير مشروط غيبي مدد حاصل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.