اوٻاوڙي ۾ بدامني، پاڻي جي واري تي ويل نوجوان اغوا

اوٻاوڙو (رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌي وئي، پاڻي جي واري تي ويل نوجوان  اغوا ٿي ويو.ڳوٺ ڌڻي بخش ملڪ جو رهواسي محمد قاسم ملڪ سونڻ شاخ وٽ پاڻي جي واري تي بيٺل هو، جتان نامعلوم هٿياربند کيس اغوا ڪري کڻي ويا.نوجوان  جي وارثن رحمت الله ملڪ ۽ ٻين ٻڌايو ته محمد قاسم رات جو پنھنجي ٻنيءَ ۾ پاڻي ڇڏڻ ويو، اتان ڌاڙيل کيس اغوا ڪري ويا، جڏهن صبح جو گهر نه آيو  ته اسين ٻنيءَ تي وياسين ته اتي هن جي چپل ۽ ڪوڏر پاڻي ڇڏڻ واري ھنڌ پيل مليون. هنن ٻڌايو ته اسين پيرا کنيا، جيڪي ڪچي طرف ويا آهن، اسين ايس ايس پي گھوٽڪي، ڊي آءِ جي سکر ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته نوجوان کي فوري طور بازياب ڪرائي اسان جي بيچيني ختم ڪرائي وڃي. ھوڏانھن مغوي جي وارثن اوٻاوڙو ٿاڻي تي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.