ڪراچي ايئرپورٽ تي ڇاپو، آمريڪا ويندڙ نواب شاهه واسي مسافر وٽان پسٽل هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس ايف ڇاپو هڻي ڪراچي کان آمريڪا ويندڙ نواب شاهه واسي مسافر جي سامان مان پسٽل  هٿ ڪري ورتو. اي ايس ايف اختيارين موجب مسافر عديل شاهه پرڏيهي ايئر لائين ذريعي ڪراچي کان آمريڪا وڃي رهيو  هو.  مسافر جي سوٽ ڪيس مان هڪ پستول ۽ 14 رائونڊ هٿ ڪيا ويا. مسافر عديل شاهه کي انٽرنيشنل لائونج ۾ داخل ٿيڻ وقت اسڪيننگ مشين ۾ چيڪنگ دوران پستول کڻي وڃڻ تي حراست ۾ ورتو ويو.اي ايس ايف موجب مسافر سيد عديل شاهه نواب شاهه جو رهواسي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.