ڪنهن به دٻاءُ يا اثر کان هٽي ڪري جاچ ڪندا آهيون: نيب چيئرمين

لاهور (م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته 5 سالن دوران نيب هڪ هزار 405 جوابدارن کي عدالتن مان سزائون ڏياريون. قومي احتساب بيورو(نيب) جي چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال سان ڊي جي نيب لاهور ملاقات ڪئي، نيب چيئرمين چيو ته نيب ڪيسز جي جاچ ڪنهن به دٻاءُ يا اثر کان هٽي ڪري ڪندو آهي ۽ جاچ کي ميرٽ جي بنياد تي جاري رکيو ويندو. هن چيو ته نيب هڪ قومي ادارو آهي جنهن جي وابستگي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام سان آهي. جڏهن ته نيب جو ڪم بدعنواني جي خلاف هر حالت ۾ متحرڪ رهڻ آهي ۽ نيب پنهنجي لائحه عمل ۾ عملي طور تي عمل پيرا آهي، جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو ته 5 سالن دوران نيب هڪ هزار 405 جوابدارن کي عدالتن مان سزائون ڏياريون ۽ نيب لاهور جي قدمن اداري جي گڏيل ڪارڪردگي تي مثبت اثر ڇڏيا آهن. هن چيو ته نيب بدعنواني ۽ ڪرپشن جي خاتمي جو اعليٰ ترين قومي ادارو آهي ۽ سمورا قدم هميشه آئين ۽ قانون جي اندر رهي انجام ڏنا ويندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.