صدر جو ڪردار آئين کان مٿانهون قرارA، ڏڦيڙ لاءِ آئيني عهدا استعمال پيا ٿين ;وفاقي ڪابينا

اسلام آباد (رپورٽر+ م ڊ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عارف علوي جي ڪردار کي آئين کان مٿانهون قرار ڏيندي چيو آهي ته عارف علوي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما جي معاملي تي آئين سان مذاق ڪيو، ملڪ کي ڏڦيڙ طرف ڌڪو ڏيڻ لاءِ آئيني عهدن جو استعمال ڪيو ويو، تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران ملڪ جي سياسي معاملن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي ڪردار تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڪابينه طرفان عارف علوي جو ڪردار آئين کان مٿانهون قرار ڏنو ويو. ڪابينه ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صدر پنجاب جي گورنر واري معاملي تي آئين کي مذاق بڻايو، جڏهن ته ڪابينه ميمبرن پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه جي قدمن تي به حيرت جو اظهار ڪيو. ڪابينه ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ کي انتشار طرف ڌڪو ڏيڻ لاءِ آئيني عهدن جو استعمال ڪيو ويو، صدر ۽ پنجاب جي گورنر آئين، قانون، پارليامينٽ جمهوريت جي توهين ڪئي، حڪومت پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ لاءِ آئيني اختيار استعمال ڪيو، وفاقي ڪابينه راءِ ڏيندي چيو ته ملڪ سياسي افراتفري برداشت نٿو ڪري سگهي، ادارن مٿان حملو ڪندڙن خلاف قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو. وفاقي ڪابينه پنجاب جي گورنر واري معاملي تي وزيراعظم جي ايڊوائس رد ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، کنڊ ۽ اٽي جو اگهه برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا 30 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏني آهي، اهڙي طرح هڪ ماڻهو وٽ هڪ کان وڌيڪ پاسپورٽ رد ڪرڻ جي به منظوري ڏني  آهي، عمران حڪومت جي ناقص پاليسين سبب کاڌ خوراڪ جي جنسن جي پيداوار متاثر ٿي، مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ تي مڪمل طور تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد کنڊ جو اگهه برقرار رکڻ آهي. ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته گذريل 6 هفتن کان ڪجهه ماڻهو آئين سان هٿ چراند ڪري رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو آئين کان مٿانهان قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪوبه عهديدار پنهنجون آئيني حدون نه اورانگهي، اجلاس ۾ اهو طئي ٿيو ته ان معاملي تي اسيمبلي ۾ بحث ڪيو ويندو. توانائي واري وزير خرم دستگير چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ کي گهٽائڻ لاءِ ڪابينا کان اضافي وسيلا گهريا ويا آهن، پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ زيرو آهي، ملڪ ۾ ڪٿي به لوشيڊنگ نه آهي، ڪابينا اجلاس ۾ فواد اسد الله کي ڊي جي انٽيليجنس بيورو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين جي استعيفيٰ جي به منظوري ڏني وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.