عشرت العباد ۽ صدر ۾ رابطو، فوج بابت بيان تي اي پي سي جي تجويز

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد صدر عارف علوي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد صدر عارف علوي سان فون تي ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪ فوج ۽ عدليه ملڪ جي سلامتي جي ضمانت آهن. عشرت العباد چيو ته صدر پاڪستان کي هن هڪ نڪاتي ايجنڊا تي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، صدر عارف علوي اتفاق ڪيو ته ملڪ جي سلامتي لاءِ پاڪ فوج ۽ عدليه ضمانت آهن. صدر عارف علوي هڪ نڪاتي ايجنڊا تي سڀاڻي ڪل جماعتي ڪانفرنس جي تجويز سان به اتفاق ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.