صدر سازش بابت خط وزيراعظم ۽ چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو، عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي سفارش

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو پرڏيهي سازش بابت خط موجوده وزيراعطم ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيندي جاچ جي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ صدر عارف علوي حڪومت ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مبينه سازش جي جاچ تي زور ڏنو آهي. جوابي خط ۾ چيو آهي ته حڪومت ۾ تبديلي جي مبينه سازش جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي. پاڪستاني عوام کي وضاحت ڏيڻ ۽ معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل شاهديون رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير طرفان اماڻيل سائفر جي ڪاپي پڙهي سائفر ۾ ڊونلڊ لو سان گڏ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ ملاقات جي باضابطه سمري موجود هئي. سائفر جي رپورٽ ۾ مسٽر لو جا بيان شامل آهن جنهن ۾ خاص طور تي وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جو ذڪر ڪيو ويو. سائفر ۾ تحريڪ جي ڪاميابي جي صورت ۾ معافي، ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جو به ذڪر آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن ۾ توثيق ڪئي وئي ته مذڪوره بيان پاڪستاني جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي برابر آهن. هن خاص معاملي ۾ غير سفارتي زبان ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ ڌمڪي تي امڪاني رد عمل ۽ اثرن جو ذڪر ڪيو. معاملي جي تفصيلي جانچ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيترين ئي سازشن جون جاچون بنا ڪنهن نتيجي جي رهيون. صدر چيو ته عمران خان جو خط وزيراعظم پاڪستان ۽ چيف جسٽس ڏانهن اماڻي رهيو آهيان. چيف جسٽس معاملي جي جاچ ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.