لنڊن ۾ سياسي ۽ معاشي حالتن بابت ٿيندا سخت فيصلا

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) لنڊن ۾ اڄ (ن)  ليگ اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالتن بابت سخت فيصلا ڪيا ويندا، نامياري صحافي ظفر نقوي پنهنجي وي لاگ ۾ ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته عمران خان مسلسل رياستي ادارن ۽ عدليا تي حملا ڪري رهيو آهي، آئين جون مسلسل ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، ان بابت نواز شريف کي سخت ڪاوڙ آهي، هو ڄاڻڻ  چاهي ٿو ته عمران خان جي پٺيان آخر ڪهڙي قوت آهي جنهن ڏڍ تي هو سموريون آئيني اخلاقي حدون اورانگهي رهيو آهي، ٻيو ته عمران کي صرف (ن) ليگ جواب ڏئي رهي آهي ٻيا اتحادي خاص طور فضل الرحمان ڇو خاموش آهي، ان سان گڏ ايندڙ آرمي چيف  يا ايڪسٽينشن بابت به غور ويچار ڪيو ويندو، ذريعن موجب عمران خان هوش کان ڪم نه ورتو ته وزيراعظم  شهباز شريف ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ  الله وطن واپسيءَ  تي پي ٽي آءِ  اڳواڻن خاص طور عمران خان جو گهيرو تنگ ڪندا ۽ سخت ڪارروائي ٿيندي، ان لاءِ رياستي ادارن کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو.

پارٽي جو هنگامي اجلاس طلب، نوازشريف قيادت کي لنڊن سڏائي ورتو

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف پارٽي جو هنگامي اجلاس لنڊن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب نوازشريف وڊيو لنڪ اجلاس جي تجويز رد ڪري ڇڏي ۽ پارٽي جي مرڪزي قيادت کي لنڊن پهچڻجي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي اڳ ئي لنڊن ۾ موجود آهي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب جي هڪ ٻن ڏينهن ۾ لنڊن روانو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نوازشريف کي ڪجهه معاملن تي خدشا آهن ان لاءِ(ن) ليگ ڪو وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن تي لائحه عمل بابت به نوازشريف ۽ اسحاق ڊار سان مشاورت ٿيندي جڏهن ته ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ڪابينه ۽ پاور شيئرنگ بابت به اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف طرفان اجلاس گهرائڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف اڄ رات جو لنڊن روانو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.