اسٽريٽ ڪرمنلز سميت ڏوهارين جي جسم ۾ ڊيوائسز لڳائڻ جي منظوري

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ):  سنڌ ڪابينا اسٽريٽ ڪرمنلز سميت عادي ڏوهارين جي نگراني لاءِ سندن جسم ۾ اليڪٽرانڪ ڊيوائسز لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.  عادي ڏوهارين وارو بل: گهرو کاتي ”سنڌ هيبيچوئل آفينڊرز مانيٽرنگ بل 2022“ جو مسودو پيش ڪيو جنهن جو مقصد جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي عادي ڏوهارين جي موثر نگراني کي يقيني بڻائڻ، اسٽريٽ ڪرائم کي روڪڻ ۽ صوبي ۾ محفوظ شهرن ۽ پاڙن کي يقيني بڻائڻ ۽ شهري علائقن تي خاص ڌيان ڏيڻ شامل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عادي ڏوهارين جي پيرن ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ جي صورت ۾ اليڪٽرانڪ مانيٽرنگ يونٽ لڳايو ويندو. بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر هڪ عادي ڏوهاري لاءِ سنگل يونٽ ٽريڪنگ ڊيوائس جنهن ۾ هڪ يونٽ ۾ گلوبل پوزيشننگ سسٽم ۽ سيلولر ٽيڪنالاجي سان گڏ سينٽرل پروسيسنگ يونٽ هوندو آهي جيڪو فعال، رئيل ٽائيم۽ 24 ڪلاڪ ڏوهارين جي لڳاتار نگراني ٿيندي آهي. مسودي جي قانون جو سيڪشن 3 اليڪٽرانڪ نگراني ڊوائيسز کي ڳنڍڻ جي طريقيڪار کي بيان ڪندو آهي. قانون ٻڌائي ٿو ته پراسيڪيوٽر يا پوليس آفيسر جي درخواست تي عدالت جي حڪم سان ڏوهارين کي ان وقت لڳايو ويندو جڏهن هو ضمانت تي آزاد هوندو. عدالت عادي ڏوهارين کي ڊوائيس جي آپريشن ۽ ان جي شرطن ۽ ضابطن جي وضاحت ڪندي. قانوني مسودي جي سيڪشن 4 ۾ عادي ڏوهارين کي شرطن ۽ ضابطن جي تڪميل ۾ ناڪامي تي 3 سال قيد ۽ اليڪٽرانڪ مانيٽرنگ ڊيوائس سان ڇيڙڇاڙ جي صورت ۾ 10 لک رپيا ڏنڊ يا ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.  بل جي سيڪشن 5 ۾ چيو ويو آهي ته هڪ عادي ڏوهارين کي ڪنهن به وقت پنهنجي مستقل رهائش واري هنڌ کان منتقل ٿيڻ کان اڳ لاڳاپيل علائقي جي پوليس اسٽيشن جي انچارج کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي ۽ کيس ان هنڌ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻي هوندي جتي اهي رهن ٿا يا رهائش دوران ماڻهن سان ملن ٿا. جڏهن سنڌ جي وڏي وزير بل تي بحث شروع ڪيو ته ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن ان کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. ڪجهه ميمبرن راءِ ڏني ته سخت شقن سان اسٽريٽ ڪرائم جي حوصلا پست ٿيندا. 40 منٽن کان وڌيڪ بحث کانپوءِ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو جتي ان تي ٻيهر بحث ڪيو ويندو. فشريز اينڊ لائيو اسٽاڪ کاتي ”دي سنڌ رجسٽريشن اينڊ ريگيوليشن آف فشنگ جيٽيز رولز 2022“ جو مسودو پيش ڪندي چيو آهي ته مختلف ادارن رپورٽ ڪئي آهي ته سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ ڪيتريون ئي غير قانوني جيٽيون ڪم ڪري رهيون آهن. ان سڄي سرگرمي کي حڪومتي ادارن پاران مڪمل طور تي بي ڌيان ڪيو ويو جنهن ڪري حڪومت کي هر سال اٽڪل 4 کان 5 ارب روپين جو نقصان ٿيندو آهي جڏهن ته ٽيڪسن يا ڊيوٽي جي چوري ۽ مڇيءَ جي برآمدات متاثر ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اهي ٻيڙا پاڪستان اندر ۽ ٻاهر اسمگل ٿيندڙ سامان، مڇي، تيل ۽ ايتري تائين جو منشيات جي اسمگلنگ لاءِ به استعمال ٿي سگهن ٿا ۽ دهشتگرد/غير ملڪي هٿ پنهنجا ايجنٽ استعمال ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. ذريعن موجب چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ جيٽيز بابت قاعدن ۽ ضابطن جو مسئلو حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 64 غير رجسٽرڊ جيٽيز آهن جن ۾ 5 ڪياماڙي، 27 ملير، 29 ٺٽو، 2 سجاول ۽ هڪ بدين شامل آهن. ڪابينا قاعدن جي منظوري ڏيندي فشريز کاتي کي هدايت ڪئي ته جيٽيز کي ٽن سالن جي مقرر عرصي لاءِ ليز/لائسنس ڏنو وڃي. ضابطن موجب کاتي کي اختيار هوندو ته رجسٽريشن ۽ لائسنس ڏيڻ کان اڳ جيٽي جو معائنو ڪري.  فشريز ڊپارٽمينٽ جو صوبائي ميرين ونگ جيٽيز کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ اتي امن امان برقرار رکڻ لاءِ ميرين پوليس کي مقرر ڪندو. ڪابينا فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ واري وزير جي سربراهي ۾ ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي جي 15 رڪني بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي به منظوري ڏني. صوبائي ڪابينا سي جي لنڪ ڪينال کولڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي اهڙي وقت ۾ جڏهن سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آهي. ڪابينا ارسا تي زور ڀريو ته هو سي جي لنڪ ڪينال بند ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي.  ڪابينا روهڙي جي تعلقي سکر ضلعي ۾ 200 ايڪڙ زمين واهه ذريعي بي گهر ٿيل خاندانن لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته زمين 99 سالن لاءِ ليز تي ڏني ويندي ۽ هر بي گهر خاندان کي 80 اسڪوائر گز جو پلاٽ ڏنو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته زمين جي الاٽمينٽ 2017ع کان التوا هيٺ هئي تنهن ڪري هن بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته اها زمين متاثر خاندانن کي الاٽ ڪرڻ لاءِ ڪمشنر سکر جي حوالي ڪري.  ڪابينا پي پي پي موڊ تحت اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اين اي ڊي يونيورسٽي کي اجازت ڏني وئي ته هو عمل شروع ڪري ۽ 8 سالن لاءِ اسپيشل اڪنامڪ زون جو درجو حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. صوبائي حڪومت يونيورسٽي جي آئي ٽي انٽروينشن فنڊ جي پڻ مالي مدد ڪندي. ڪابينا مس دعوتِ هديه، ڪراچي ۽ شهر ۾ بوهرا برادري جي ملڪيتن جي حوالي سان پراپرٽي ٽيڪس جي ادائيگي کان ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.