عدالت پاران نااهلي ختم ڪرڻ تائين نااهلي برقرار رهندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته هڪ چوي ٿو آزاد عدليا گھرجي ۽ ٻيو چوي ٿو آئين جي تابع عدالت گھرجي، آئين جي تابع پارليامينٽ، ايگزيڪيوٽو ۽ عدليا هجڻ گھرجي.چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ طرفان بابر اعواڻ دليل ڏنا. بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته يوٽيليٽي بلز ادا نه ڪرڻ وارو به رڪنيت جو اهل ناهي هوندو، جيڪڏهن آرٽيڪل 63 اي ۾ نااهلي جو مدو مقرر نه هجي ته تاحيات نااهلي هوندي. ان تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪو اميدوار ايندڙ اليڪشن کان پهرين بل ادا ڪري ته ڇا تڏهن به نااهل هوندو؟ بل ادا ڪرڻ کانپوءِ نااهلي ختم ٿي ويندي، آرٽيڪل 62 ون ايف تحت ئي نااهلي تاحيات آهي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته جيستائين نااهلي جو ڊڪليئرشن عدالت ختم نه ڪري نااهلي برقرار رهندي، يوٽيليٽي بلز ادا نه ٿيڻ تي نااهلي تاحيات نٿي ٿي سگھي. جسٽس مظهر عالم خيل چيو ته توهان چئو ٿا ڦري ويل ميمبرن کي تاحيات نااهل ڪريو، منهنجي نظر ۾ آرٽيڪل 63 (1) جي ڀڃڪڙي وڌيڪ سنگين ڏوهه آهي، آرٽيڪل 63 (1) جي ڀڃڪڙي عدليا، فوج جي تذليل ۽ نظريه پاڪستان بابت آهي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته هڪ چوي ٿو ته آزاد عدليا گھرجي، ٻيو چوي ٿو ته آئين جي تابع عدالت گھرجي، آئين جي تابع پارليامينٽ، ايگزيڪيوٽو ۽ عدليا هجڻ گھرجي.  بابر اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ مشرف کي آئيني ترميم جا اختيار ڏنا، عدالت جا اختيار لامحدود آهن. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توبهه جا در کليل آهن، هر ڪو پنهنجي اصلاح ڪري. بابر اعواڻ چيو ته فيصلن جو حوالو ٻڌڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ اميدون آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.