سنڌ خودمختيارآهي، زرداري جي بصيرت کي مخالف به مڃين ٿا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي خطاب تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته  سنڌ پاڪستان جو خودمختيار صوبو آهي،سنڌ جا ماڻهو سياسي طور تي باشعور آهن فيصلا ڪرڻ ڄاڻين ٿا، نيازي جهڙي مڪار، ڪوڙي ۽ ڪريل  شخص جي ڏٽي ۾ نه ايندا، ھن چيو ته  2018 جي عام چونڊن ۾ سنڌ جي عوام عمران نيازي جي اميدوارن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا. عمران نيازي ڀلي شوق پورو ڪري سنڌ جو عوام کيس  گاھ به نه وجھندو  . صوبائي وزير چيو ته صدر آصف علي زرداري جي سياسي بصيرت ۽ فيصلن کي سندس سخت ترين مخالف به مڃيندا آهن. صدر آصف علي زرداري 11 سال جيل جون سختيون ۽ گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڪوڙن ڪيسن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. ھن تي اڄ تائين ڪو به الزام ثابت ناهي ٿيو.  اطلاعات وارو صوبائي وزير چيو ته عمران نيازي هاڻي تو کي پنهنجي عملن جو جواب ڏيڻو پوندو، سياسي مخالفن تي الزام لڳائي  بچي نٿا سگھو، شرجيل ميمڻ چيو ته عمران نيازي، اٽي، کنڊ، دوائن، مالم جبه، بي آر ٽي پشاور، تيل شارٽيج، اسڪينڊلز جو جواب ڏئي ۽ پنهنجي گھر کان شروع ٿيندڙ گھوٻين جو جواب ڏئي. فرح خان کي ٻاهرين ملڪ ڇو ڀڄايو ويو. عمران نيازي جي شخصيت تضادن جو مجموعو آهي جنهن جو مظاهرو هو پنهنجي عمل ۽ شرانگيز بيانن سان ڪندو رھي ٿو.عمران نيازي جو ڪوبه به نظريو ناهي قوم اهڙي متضاد شخصيت کان بچي،  جيڪو ملڪ کي شر طرف ڌڪڻ جي ضد تي اڙيل آھي. پاڪستان ۽ رياست جا ادارا ھن شخص اڳيان ڪابہ اھميت نہ ٿا رکن. عمران نيازي پاڻ کي ملڪ ، آئين ۽ قانون کان مٿانهون ٿو سمجھي. ھن چيو ته پاڪستان کي عمران خان جي ضد ،انا ۽ ھٽ ڌرمي جي ور چڙھڻ نہ ڏينداسين. قومي قيادت ۽ پاڪستان جو عوام ملڪ دشمن پروپيگنڊا تي کيس ڀرپور جواب ڏيندي. صوبائي وزير چيو ته اقتدار کان محرومي ھن شخص جا حواس اڏائي ڇڏيا آهن. ۽ پنھنجي ھر محسن کي چڪ پائڻ لاءِ ڊوڙندو وتي ٿو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.