اسلام آباد( م ڊ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته عمران کي ڇوٽ ڏيو، جيڪو ڪرڻو اٿس ڪري وٺي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو ته لنڊن ۾ ملاقات جي ڪا خاص ايجنڊا کڻي نه وڃي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪا به غير معمولي ملاقات ناهي، هو ته هڪ ورڪر آهي، ڪهڙي غير معمولي ڳالهه ڪري سگهي ٿو؟. هن چيو ته پنهنجي قائد سان مشورا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون. 03