ڪورونا جو نئون ويرينٽ، وڏي وزير پاران رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) ڪورونا وائرس جي امڪاني نئين لهر کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت صحت کاتي ۽ گهرو کاتي کي نئين ويرينٽ جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ امڪاني ڪورونا وائرس جي نئين لهر کي ڏسندي صحت کاتي ۽ گهرو کاتي کي اهم هدايتون جاري ڪيون ويون. سنڌ ڪابينا چيو ته ڪورونا جي نئين قسم جو جائزو وٺي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن صحت جي قومي اداري پاڪستان ۾ جينوم جي ترتيب ذريعي سب ويرينٽ جي تصديق ڪئي هئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.