فرح گوگي جي ٽيڪس ايڊوائزر ڪرپشن جا الزام رد ڪري ڇڏيا

لاهور (م ڊ) فرح شهزادي عرف فرح گوگي جي ٽيڪس ايڊوائزر ايڊووڪيٽ اسد رسول پنهنجي اصيل تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. اسد رسول ايڊووڪيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته فرح بي بي جا سمورا معاملا عثمان بوزدار جي وڏي وزير ٿيڻ کان پهرين جا آهن، تنهن ڪري ان تي لڳايل الزام سراسر بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ فرح بي بي جي دولت ۾ چئوڻ تي واڌ جي ڳالهه غلط آهي، هن جي 30 جون 2018 تائين اثاثن جي ماليت 70 ڪروڙ هئي. سندس چوڻ هو ته قانوني طور تي جيڪڏهن ڪا پڇا ڳاڇا ٿئي ٿو ته ان جو جواب ڏينداسين، ٽيڪس جي حد تائين جوابده آهيون، سياسي جواب نٿا ڏئي سگھون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.