اورينج لائن بسون هلندي ڏسڻ چاهيون ٿا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ھو عبدالستار ايڌي (بي آر ٽي اورينج لائن) تي جلد کان جلد بسون هلندي ڏسڻ چاهي ٿو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پروجيڪٽ جو افتتاح ڪندا. ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي آفيسر ڪيمپ آفيس کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻائين، جيڪڏهن  ڪنهن کان نٿو پڄي ته  استعفيٰ ڏئي گهر وڃي . اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالستار ايڌي (بي آر ٽي اورينج لائن)  بابت سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سي آئي ڊي سي ايل جي سي ايف او خادم حسين، جنرل مينيجر انجنيئرنگ شفيع محمد، ڪنسلٽنٽ /پروجيڪٽ مينيجر نيسپاڪ ريحان ضامن شرڪت ڪئي . سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو، ڊائريڪٽر انفراسٽرڪچر اينڊ پلاننگ يوسف منير، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن سيد يازم علي شاهه ۽ ٻِيا آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته ھو جلد کان جلد اورينج لائن جون بسون روٽ تي هلندي ڏسڻ چاهي ٿو. صوبائي وزير نيسپاڪ ڪنسٽلنٽ کي سائينج بورڊ، ڊاڪنگ ربٻڙ، آئي ٽي سسٽم جي انسٽاليشن ۽ مانيٽرنگ سسٽم جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته 11 مئي تي اورينج لائين جن بسون پورٽ ۽ وڌيڪ هڪ هفتي ۾ بس ڊيپو پهچي وينديون. اورينج لائين جي بس ڊائيورن جي تربيت جي شيڊيول کي حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن بسون پهچندي ئي انهن جي تربيت جي شروعات ٿي وڃي. اجلاس ۾ اورينج لائن جي گرين لائن ۾ انٽيگريشن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گرين لائن سان انٽيگريشن تي 45 ڪروڙ روپين جي لاڳت جو تخمينو لڳايو ويو آهي. انٽيگريشن سان اورينج لائن جون بسون ناگن چورنگي تائين جو فاصلو طئي ڪنديون. جنهن سان پروجيڪٽ تي سبسڊي  ۾ حڪومت کي بچت ٿيندي. جنهن تي صوبائي وزير چيو ته اورينج لائن جي انٽيگريشن ۽ ڊيزائن جي تياري تي پڻ ڪم ڪن، پر فوڪس رکن ته پروجيڪٽ آپريشنل هجي.   03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.