ساڪري ۽ ڀرپاسي ۾پاڻي جي کوٽ، آبادگار سراپا احتجاج، ڌرڻو

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪرو بئراج مان نڪريندڙ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجن وارو سلسلو جاري ميرپور ساڪرو ۾ پاڻي  کوٽ خلاف آبادگارن امين ڪلمتي، عبدالرزاق ڪلمتي، رشيد ھديو، عبدالغني عباسي، ادريس پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انجنيئر آفيس ساڪرو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي جانور جي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي فصل سڪي تباھه ٿي ويا آهن سامونڊي پٽي وارو علائقو ھئڻ ڪري جر کارو ٿي ويو آهي سامونڊي پٽي جا ماڻهوَ کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن ھنن چيو ته انجنيئر رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي رھيو آهي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي انجنيئر سومر ڏينهن آبادگارن سان گڏجاڻي جو ٽائيم ڏنو پر ھو نه آيو ڪوڙا دلاسا ڏئي رھيوآهي ھنن چيو ته تڪ جا چونڊيل نمائيندا ڏسجن ئي نٿا ھتي ماڻهوَ اڃ وگھي مري رھيا آهن ساڪرو بئراج مان نڪرندڙ سمورين شاخن مان واري اڏامي رهي آهي ھنن چيو ته جيڪڏهن ھڪ ھفتي اندر پاڻي کوٽ نه ختم ڪئي ويئي ته گھارو ڪراچي روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.