روھڙي ( ن ع آ ) گذريل ڏينهن روهڙي ويجهو جهانگڙو ٿاڻي جي پراڻو ٽول پلازه ڀرسان نيشنل ھائي وي تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو هو جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽڪي واسي سرفراز شيخ ۽ سندس ڀيڻ شاھده شيخ ۽ روھڙي واسي شھزادو رڪ زخمي ٿي پيا آهن، گھوٽڪي واسي سکر کان پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ۽ روھڙي واسي شھزادو رڪ پنهنجي گھر ڏانهن وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو