خيرپور ۽ ڀرپاسي گيسٽرو جا راڱا، 7 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا اسپتال ڀيڙا

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۽ ان جي آس پاس واري علائقن ٺيڙهي،ٻٻرلوءِ،پلھ ڳوٺ،پيرمڱيو،واري ڳوٺ،سٺيو واھ ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ گيسٽرو جھڙو موذي مرض ڪاهي پيو آهي جنهن سبب سوين ٻارڙا  موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويا آهن جڏهن ته 7 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا خيرپور جي نجي توڙي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 30 کان وڌيڪ ٻارڙن جي حياتي خطري ۾ آهي جن ۾ علي گوهر،صادق علي،نعمت الله،بگڙو بلوچ،آمنه،علي زمان، رابيل بيبي،ضمير احمد ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي خيرپور جي سٽي سول اسپتال جي پيڊس ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيا ويا آهن جيڪي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهن ان سلسلي ۾ نالو نه ٻڌائڻ تي سٽي سول اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر ٻڌايو ته عيد کان وٺي هڪ هفتي اند 6سئو کان وڌيڪ ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن جيڪي گيسٽرو جي موذي مرض ۾ ورتل آهن ۽ عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ زبردستي 70 ٻارن کي فارغ ڪري گھر موڪليو ويو جيڪي اڃا تائين ٻيهر واري داخل ڪري انهن جو علاج ڪيو پيو وڃي هن چيو ته پيڊس ايمرجنسي وارڊن ۾ گيسٽرو جا 2 کان 3 مرض پڻ هڪ ئي بيڊ تي پڻ داخل ڪيا ويا آهن هوڏانهنداخل ٻارڙن وارثن صحافين کي ٻڌايو ته دوائون نه ٿيون ملن ۽ اسان پنهنجي  مدد پاڻ دوائو خريد ڪري رهيا آهيون اسپتال انتظاميا کي ڪيترائي شڪايتون ڪيو آهن پر ٻڌي اڻٻڌي ڪيو پيون وڃن هنن ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته مرض ۾ ورتل ٻارڙن جي لاءِ دوائون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.