ڏهرڪي ۾ بدامني، ڦرون ڌاڙا روز جو معمول، جسقم جي سڏ تي ڌرڻو

ڏهرڪي ( نمائندن وٽان ) ڏهرڪي ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي ڦرون داڙا معمول بڻيل آهن نااهل ايس ايڇ او ڏهرڪي شفيع گولو کي هٽائي امن امان بحال ڪيو وڃي جسقم جي سڏ تي سياسي سماجي تنظيمن جي ريلي سائين جي ايم سيد چوڪ عوامي هوٽل کان جامع مسجد چوڪ ڏهرڪي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي انجمن تاجران جي جنرل سيڪريٽري رمضان پيرزادو، جسقم ضلعي صدر فقير رمضان ڪلوڙ مير حسن لاشاري امتياز ڀٽو حيدر خان شر بهادر لولائي خان ڏهر شاهد شر عمر ڀيو جاويد ديشي وهاب سهتو ثناءُ الله چاچڙ شعيب سنڌو خطاب ڪندي چيو آهي ته ڏھرڪي ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي ستن ڪمار جي قتل بعد هٿياربندن ڦر ڪري کير وڪرو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندڙ الطاف ٻنڀ کي ماري ڇڏيو۽ ريڙهي هلائي پورهيو ڪندڙ  روي کي ڦر دوران قتل ڪيو ويو شهر ۾ چوريون موٽر سائيڪل ڦر ۽ چوري جا ڏوهه وڌندا پيا وڃن اغوا  ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن سماجي برايون شراب منشيات آڪڙا پرچي ۽ جوا بڪي حقو شيشو هوٽلن تي پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيا آهن هنن چيو ته ايس ايڇ او ڏهرڪي شفيع گولو جي مقرر بعد بدامني جو راڪاس ڇانيل آهي جنهن سبب شهري سخت پريشان آهن هنن چيو ته ايس ايڇ او ڏهرڪي لکين روپيا وٺي ٿو هنن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او ڏهرڪي شفيع گولو کي هٽائي امن امان بحال ڪيو وڃي نه ته ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.