ڪورنگي ۾ مبينا مقابلو، هڪ زخمي سميت 2 گرفتار

ڪورنگي (ن ع آ ) ڪورنگي ٿاڻي جي ايس ايڇ او زاهد لوڌي سان گڏ علائقي ۾ پوليس گشت ڪري رهي هئي ته ڏوهارين سان اوچتو مقابلو ٿي  پيو، پوليس مقابلي بعد هڪ زخمي جوابدار سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، بارودي مواد، ڦر ٿيل 02 موبائيل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدار جي قبضي مان چوري ٿيل موٽرسائيڪل لانڍي ٿاڻي جي حد پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.ڪورنگي لنڪ روڊ تي شمس ڪانٽا وٽ ڪورنگي ٿاڻي جي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مقابلو ٿيو. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محمد عرفان ولد فضل الرحمان سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محمد حارث ولد عتيق طور ٿي آهي. ڪورنگي پوليس اسٽيشن جو چوڻ هو، شروعاتي جاچ دوران گرفتار جوابدارن وٽان ٻيا واقعا پڻ انڪشاف ٿيا آهن.  گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو ته گذريل ڏينهن به جوابدار ڪورنگي ابراهيم حيدري واري علائقي مان هڪ شخص کان پستول ڦر ڪيو هو. گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي،  پوليس ضابطي جي مڪمل طريقيڪار تي عمل ڪري رهي آهي. گرفتار جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.