جهول ۾ پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن، چورن ۾ ڀاڄ

جهول (ن ع آ)آبپاشي سب ڊويزن جهول اولڊ جمڙائو مان نڪرندڙ دلور شاخ ۽ پاٽيون شاخ جي پاڻي چورن بااثر آبادگارن خلاف ڊائريڪٽر  نارا ڪئنال منصور ميمڻ، مانيٽرنگ ٽيم جي سربراهه واصي شيخ، ايس ڊي او صدام پتافي ۽ رينجرز جي اڳواڻي ۾ آپريشن غيرقانوني لفٽ مشينون، پکا ۽ پائپ ضبط زرعي پاڻي چوري ڪندڙ بااثر زميندارن ۾ ڀاڄ غيرقانوني هلندڙ واٽر ڪورس بند پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي هئڻ تي ٽيل شاخن جي آبادگارن ۾ خوشي جي لهر، پاڻي ٽن مهينن بعد پڇڙي ۾ پهتو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ چيو آهي ته پاڻي چورن خلاف آپريشن جاري آهي ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي قانون کان مٿانهون ناهي پاڻي چورن کي آئون ٻڌايان ٿو ته خدا جو خوف ڪيو، پنهنجو حق وهو غيرقانوني پاڻي چوري نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو پاڻي چور طاقتور ڇو نه هجي پر قانون پنهنجو پاڻ رستو ٺاهيندو آهي هن چيو پاڻي پاڻي چورن پنهنجو رويو درست نه ڪيو ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.