سنڌو سڪائڻ سموري سنڌ کي موت ڏيڻ آهي: ثمر جتوئي

ملير (ڊ ر) سنڌو کي سڪائڻ معنيٰ سموري سنڌ کي موت ڏيڻ برابر آهي، سنڌ جا وڏيرا چاهين ٿا ته هارين کان سستي ريٽ تي زمينون خريد  ڪيون وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي ملير پريس ڪلب پهچي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي تقريب جي دعوت ڏيڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ کي سڪائي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پاڻي نه هجڻ سبب سنڌ جي لکين هارين پورهيتن کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، سنڌ جا جاگيردار ۽ وڏيرا چاهين ٿا ته سنڌ جي ننڍن آبادگارن جو پاڻي بند ڪري انهن کي معاشي طور ڪمزور ڪري کين مجبور ڪيو وڃي ته جيئن اهي سستي اگهن تي کين زمينون کپائي ڏين، هڪ سازش تحت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن ذميوار سنڌ جا حڪمران آهن جن پنهنجو ڪيس صحيح طرح ناهي رکيو، اڳواڻن چيو ته سنڌ جو پاڻي چورايو پيو وڃي ۽ سنڌ جي پاڻي تي پنجاب غير قانوني ڪئنال وهائي پيو ته وري سنڌ ۾ ايندڙ پاڻي تي وڏيرا جاگيردار قابض آهن سنڌ سرڪار سنڌ جي پاڻي جو ڪيس سي سي آءِ ۾ صحيح نموني ناهي اٿاريو، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين هارين مزدورن پورهيتن جي حقن جي جدوجهد ڀرپور نموني وڙهندا رهنداسين سنڌ کي پاڻي نه ڏئي زراعت تباهه ڪري ملڪ کي معاشي نقصان پهچايو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌو درياهه تان پنجاب ۾ ڪڍيل غيرقانوني ڪئنال بند ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.