گمبٽ ۾ شاهينگ عورتون سوناري کي 8 لک جو چونو هڻي ويون

گمبٽ(ن ع آ ) گمبٽ جي صرافا بازار ۾ شاهينگ عورتون سوناري سعيد احمد ميمڻ جي دڪان مان 8 لک جي ماليت جو سون کڻي فرار ٿي ويون, گمبٽ ٿاڻ تي اين سي داخل. ان سلسلي ۾ دڪان مالڪ سعيد احمد ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاهينگ عورتون سونا زيور خريد ڪرڻ لاء دڪان تي آيون عورتن کي سونا زيور ڏيکاريا ته هڪ پاڪيٽ ۾ پيل 8 لک جي ماليت جا سونا زيور عورتون چوري ڪري فرار ٿي ويون آهن عورتن جا سي سي فٽيجز به هٿ ڪيا آهن جنهن جي گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ بعد سي سي ٽي وي فٽيجز به پوليس کي به ڏنا آهن. واپاري ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل سونا زيور واپس ڪرائي عورتن جي سڃاڻ ڪرائي ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.