بلڙي شاهه ۾ ناري آپگهات ڪري ڇڏيو

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع  آ)بلڙي شاھ ڪريم ويجھو آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ گل محمدسٺيو جي رھواسي  15 سالا  ناري انيتہ ڌيءَ ھري ڪولھي جي  مبينه ڳچيءَ ۾ رسو وجھي خودڪشي ڪري ڇڏي  آھي جڏھن ته ناري جي لاش کي بغير ڪنھن پوسٽ ماٽم جي دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ٻي طرف آبادگار ٿاڻي جي ايس ايڇ غلام حسين سومرو بلڙي شاهه ڪريم جي صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ ناري جا وارث ٿاڻي تي پنھنجو بيان ڏئي چڪا آھن ته اسان جي ڇوڪريءَ جو ذھني توازن درست نه ھو جنھن جي ڪري ھن خودڪشي ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.