سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي: نفيسا شاهه

خيرپور (س ر ) پيپلزپارٽي ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي  آهي، جيڪا پريشان ڪن ڳالهه آهي، عيدالفطر کانپوءِ فصل جي پوکي جي مند ۾ پاڻي کوٽ خلاف خيرپور سميت سنڌ جا آبادگارر سراپا احتجاج بڻيل آهن، نفيسه شاهه چيو ته فواد چودري پاران پنجاب جو پاڻي سنڌ کي ڏيڻ واري بيان کي رد ڪريون ٿا، هن چيو ته سنڌ کي پنجاب سميت ڪنهن به صوبي جو پاڻي نه پر پنهنجي حصي جو پاڻي گهرجي، نفيسه شاهه چيو ته 1991 واري پاڻي ٺاهه ( معاعدي)  تحت پاڻي ورڇ ڪئي وڃي، هن چيو ته سنڌ کي پاڻي جي فراهمي مند پسند فارمون تحت ڏيڻ جي مزمت ڪريون ٿا، نفيسه شاهه چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصِي جو پاڻي نه ڏيڻ سنڌ دشمني آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت کي  گهرجي ته سنڌ صوبي سان پاڻي بحران جي خاتمي لاءِ  سهڪار ڪري، ٻي صورت سنڌ جي آبادگارن هن ڏکي گهڙي ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون،  هن وفاق کان مطالبو ڪيو ته سنڌ صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي بنادير فراهم ڪري آبادگارن ۾ پکڙيل بي چيني جو خاتمو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.