رتوديرو ۾ شاگردياڻي جو پنهنجي پيءُ خلاف احتجاج

رتوديرو( ن ع آ ) رتوديرو ۾ ڇهين درجي جي شاگردياڻي عمارا ڪلهوڙو پنهنجي پيءُ اسد الله ڪلهوڙو خلاف احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته منهنجو پيءُ نشئي قسم جو ماڻهو آهي جنهن سبب منهنجي ماءَ صدف خاتون هن کان طلاق وٺي عامر علي گھانگھرو سان ٻي شادي ڪئي آهي مان پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندي هيم منهنجو پيءُ مون کي رتوديرو شهر جي نادر شاه محلي مان زبردستي اغوا ڪري کڻي ويو ۽ هن پنهنجي نئون ديرو جي گھر ۾ مون کي يرغمال بڻائي رکيو نينگري جو وڌيڪ چوڻ هيو ته يرغمال هجڻ سبب مان پنهنجو ڇهين درجي جو امتحان به ڏئي نه سگھي آهيان جنهن ڪري منهنجو سال به ضايع ٿي ويو هن چيو ته منهنجو پيءُ مون کي زبردستي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو دٻاءُ وجهي وڪرو ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندو هيو جڏهن ته منهنجي پيءُ ڪافي ڀيرا مون کي پنهنجي سخت تشدد جو نشانو بڻائي منهنجي مٿان ظلم ڪيا اهڙن ظلمن کان تنگ ٿي مان گذريل ڏينهن پنهنجي پيءُ جي گھر مان وجھ وٺي نڪري پنهنجي ماءُ وٽ آئي آهيان هن چيو ته مان پنهنجي ماءُ وٽ محفوظ آهيان ۽ ان وٽ ئي رهڻ گھران ٿي پر اڃا به مون کي منهنجو پيءُ ۽ چاچا سليم ، شاهنواز ۽ نواز ڪلهوڙو ۽ نانو عبدالحق، مدني، وسيم، غفار ۽ جبار ڪٽپر ٻيهر اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ انهن مان مون کي جان جو خطرو به آهي نينگري وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي پيءُ اسد ڪلهوڙو منهنجي ماءُ جي ٻي مڙس عامر علي گھانگھرو مٿان نئونديرو ٿاڻي تي منهنجي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي جيڪا سراسر ڪوڙي آهي هن چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي مان پنهنجي مرضي سان ماءُ جي گهر آئي آهيان نينگري ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته منهنجي پيءُ ، ڏاڏاڻن ۽ ناناڻن مٿان قانوني ڪارروائي ڪري مون کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.