ميهڙ لڳ باهه متاثرن جا چيڪ پاس نه ٿيا، متاثرن جو احتجاج

ميھڙ  (س ر ) ميھڙ فريدآباد ڀرسان ٽيويه ڏينهن گذرڻ باوجود ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي باه متاثرن جا چيڪ پاس نه ٿي سگھيا وفاقي توڙي  سنڌ سرڪار جي اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي متاثرين اميد علي چانڊيو بهار خان چانڊيو رستم چانڊيو صوفن چانڊيو احتجاج ڪندي دانھيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاق طرفان باه ۾ سڙي فوت ٿي ويل 10 ڄڻن جي وارثن کي مليل امدادي چيڪ 23 ڏينھن گذرڻ باوجود به پاس نه ٿي سگهيا آھن ھنن چيو ته ڊي سي دادو سيد مرتضا شاه اسان جا چيڪ ڦٻائڻ چاهي ٿو ۽ اسان جي ڪا به واھر نه ٿي ڪئي وڃي اسان کي هر زور گهرائي دربدر ڪري ۽ پوء واپس ڪيو وڃي ٿو متاثرين دانهيندي چيو ته اسان جي خاندان جا ڪيترائي ماڻهو رهجي ويا آهن پر انهن جا بہ چيڪ ناهن ٿي سگهيا متاثرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه کان پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ جي فوج جي نگراني ۾ نئين سروي ڪرائي وڃي ته جئين حقدار تائين حق پهچي سگهي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.