راڌڻ ۾پوليس پاران ڦر جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج

راڌڻ(ن ع آ) نئون ڳوٺ ڀرسان ڇهھ 6 ڏينھن اڳ بچاءُ بند وٽ  ٺارو خان شيخ ۽  درمحمد  واڍو کان ڦورن روڪ رقم سونو ھار موبائل  ڦر ڪئي هئي.، نئون ڳوٺ پوليس پاران ڦورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٺارو خان شيخ ،پٺاڻ سولنگي، ھارو سولنگي، امير سولنگي، محمدعلي سولنگي، غلام عباس سولنگي، بادل شيخ استاد صالح شيخ حاڪم شيخ ٻين اڳواڻي ۾ ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته پنھل کوسو، خالد کوسو ٻين پاران اسان کان ڦر ڪئي، پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هنن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته  ڦر جو ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

  • حيدرآباد ۾ پيٽرول سان ڀريل آئل ٽينڪر بي قابو، ڊرائيور ۽ ڪلينر زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي علي پيلس واري علائقي ۾ پيٽرول سان ڀريل آئل ٽينڪر بي قابو بڻجي دڪان ۾ ڪاهي پيو،  دڪان ۾ ويٺل ماڻهن مڙسي ڪري جان بچائي، ڊرائيور ۽ ڪلينر معمولي زخمي ٿي پيا.  نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته فلٽر پلانٽ وٽ آئل ٽينڪر جي ڊرائيور موڙ ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران گاڏي جو اڳيون حصو ڌار ٿي ويو ۽ آئل ٽينڪر ڊرائيور کان بي قابو ٿي فلٽر پلانٽ ڀرسان قائم دڪان جي ڀت ٽوڙي دڪان ۾ اندر هليو ويو. ايس ايڇ او نسيم نگر فرحان ميمڻ جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ جاني نقصان نه ٿيو آهي، رڳو آئل ٽينڪر جو ڊرائيور نعمت سيال ۽ ڪلينر علي معمولي زخمي ٿيا آهن. ايس ايڇ او موجب آئل ٽينڪر ۾ وڏي تعداد ۾ پيٽرول ڀريل آهي پر ڪٿان به آئل ٽينڪر ليڪ نه ٿيو آهي. آئل ٽينڪر کي دڪان مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪرين مشين گهرائي آهي جنهن جي مدد سان آئل ٽينڪر کي دڪان مان ٻاهر ڪڍيو ويندو جڏهن ته جنهن علائقي ۾ آئل ٽينڪر سان حادثو پيش آيو آهي ان علائقي ۾ ماڻهن جي اچ وڃ بند ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.