راڌڻ ۾پوليس جي زيادتين خلاف عورت جو احتجاج

راڌڻ (ن ع آ) ڏوڪري تعلقي يوسي ڪاراڻي جي ڳوٺ قاضي جادڙا جي رھواسڻ مسمات اميران خاتون زال علي اڪبر لاشاري  پاڪ ڪتاب ٻئي ڏينھن تي به  راڌڻ شھر  پھچي ويھڙ پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ويھڙ ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او الطاف وڌو پوليس اھلڪار رضا جسڪاڻي خالدجسڪاڻي سڪندرجوڻيجو منشي عبدالغني جوڻيجو اسان کان  ڪڻڪ جي گهر ڪين کين جواب ڏيڻ تي ڌمڪي ڏيندي چين ته توھان کي ڏسي رھنداسين.  ڪجھ ڏينھن کانپوء بيدي لاشاري ۾  بادل لاشاري خلاف پوليس آپريشن ٿيو جنهن سان اسان جو ڪو به واسطو ناھي ان جي آڙ ۾ ويھڙ ٿاڻي جو ايس ايڇ او الطاف وڌو ساڳا پوليس اھلڪار ساڻ ڪري لاشارين جو نقصان ڪرڻ کانپوء منهنجي گهر تي ھلان ڪري گھر ۾ پيل نياڻين جو ڏاج سونا زيور روڪ رقم ڀڃ ڊاھ ڪري گھر ۾ پيل سمورو سامان کڻي ويا ۽ منهنجي مڙس ۽ 3 پٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پريشان ڪيو ويو آهي اسان غريب ۽ بي پھچ آهيون اسان جو ڪو به نٿو ٻڌي ھن آء جي سنڌ. ڊي آء جي لاڙڪاڻو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ٿي ڪئي آهي ته  منهنجي مڙس ۽ 3 پٽن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري گھر مان کنيل سونا زيور روڪ رقم سميت سمورو سامان واپس ڪرائي کين انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.