ٻٻرلوءِ ويجهو لنگهه تان جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي، واقعي خلاف ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ۾ رستي جي لنگ تان سولنگي برادري جي ماڻهن کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن عمل خلاف سولنگي،خروس ۽ بهوڙ برادري برادري  جي ماڻهن  پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي عبدالغفار سولنگي،الله ڏنو خروس،درمحمد ميراڻي،عبدالستار سولنگي،گل محمد جعفري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن ٻڌايو ته 2 سال اڳ سکر جي دادو ڪئنال تان حد دخلين جي آڙ ۾ اسان کي لڏايو ويو ۽ اسان لڏپلاڻ ڪري ڳوٺ پلھ ڀرسان نئين آبادي ۾ زمين خريد ڪري ويٺا آهيون گذريل ٻه ڏينهن اڳ پلھ برادري جا هٿياربند ڏوھ جي ارادي سان رستي تي بيٺا هئا ۽ اسان جا نوجوان سکر کان مزدوري ڪري واپس پنهنجي گھر ڏانهن اچي رهيا هئا ته هٿياربندن کين بيهڻ جو اشارو ڪيو پر هو ڊپ  سبب نه بيٺا جنهن تي هٿياربند سندن پيڇو ڪري رات جي انڌيري ۾ سندن گھرن تي چڙهائي ڪري سخت مارڪٽ ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ پئسا به ڦر ڪيا جنهن جي اسان مزاحمت ڪئي ته هٿياربندن جو ٻٽون کلي ويون ۽ اسان شڃاڻپ ڪئي ته جوابدار پلھ برادري جا ماڻهون جنهن جي دانهن اسان پوليس جي بجاءِ ڳوٺ جي چڱي مڙس استاد جان محمد پلھ کي ڏني جنهن انصاف جي يقين ڌياني ڪرائي پر ابتڙ هٿياربندن اسان جي بجلي ڪٽي ڇڏئي اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيو پيا ڏين هنن ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جي گھر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.