سونڊا لڳ ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت

سونڊا(رپورٽ: ارشاد گندرو) سونڊا لڳ ڳوٺ خان سومرو وٽ ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھه تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر ھڻي ڪيرائي وڌو، نتيجي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو نياز احمد ڪنڀار موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ھڪ ڄڻو سجاد احمد جھرڪو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ سول اسپتال مڪلي روانو ڪيو ويو، حادثي جو شڪار موٽر سائيڪل سوار جھرڪ شھر جا رھواسي آھن، جيڪي ٺٽي کان واپس ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته سونڊا ڀرسان تيز رفتار ڪار سان ساڻن حادثو پيش آيو. جڏھن ته ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس ڪار جي ڳولا لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.