سرحد لڳ بدامني، گهرڀاتي يرغمال، تشدد، 5 لک ڦر

سرحد ( ن ع آ )  سرحد ۾ بدامني جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آھي، شهر جي ڪمبوهه محلي مان نامعلوم ڦورو شهري عبدالحميد  ڪمبوهه جي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي گھر وارن کي يرغمال بڻائي انهن تي تشدد ڪري پنج لک رپين جي ماليت جي روڪ رقم ۽ سون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، جڏھن ته ڏوهارين پاران پرائمري استاد مقصود احمد ڪمبوهه جي گهر ۾ گھڙي سندن 70 سالن جي پيرسن والد عبدالحميد ڪمبوهه مٿان سخت تشدد پڻ ڪيو، ان کان علاوه وچ شهر ۾ واقع سرحد جي صحافي اعجاز احمد ڀٽي جي سيمينٽ جي دڪان تان 12 سالن جي ٻن نينگرن دڪاندار فياض احمد ڀٽي کي چڪمو روڪ رقم ۽ موبائيل فون چوري ڪري فرار ٿي ويون ٻئي ڏوهي وارداتون ڏينهن ڏٺي جو ٿيڻ جي باوجود به حد جي پوليس ڪو به قدم نه کڻي سگھي آهي، واقعي خلاف متاثرن احتجاج ڪندي دانهيو ته پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ جي بجائي گھوٽڪي ۽ سرحد پوليس حد جو بهانو ڪري رهي آھي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين کي معاملي جو نوٽيس وٺي ڌاڙي جا جوابدار گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي، هوڏانهن ايس ايڇ او سرحد ۽ ايس ايڇ او گھوٽڪي جي پوليس سان رابطو ڪرڻ تي هنن جو چوڻ هو ته حد جو مسئلو آهي ليڪن اسين جانچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.