لعلورائنڪ ۾ پوليس جي زيادتين خلاف رھواسين جو احتجاج

لعلورائنڪ ( رپورٽ: بدرالدين مغيري ) وڳڻ ٿاڻي تي مقرر بدمست راشي اي ايس آء علي اڪبر لاشاري، فوجي مولابخش مغيري، علي  حيدر ڪلھوڙو خلاف ڳوٺ سچيڏنو چانڊيو جي رهواسين چانڊيا برادري جي عورتن پاران پوليس جي بلاجواز چڙھائي ۽ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو وڳڻ پوليس جي اھلڪارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مٿين عورتن چيو ته راشي اھلڪارن ايس ايڇ او وڳڻ مير مھدي رضا ٽالپر کي غلط شڪايتون ڪري اسان شريف شھرين جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي صبح سوير پوليس اٽالا ساڻ ڪري گھرن مٿان چڙھائي ڪري ڌاڙيلن وانگر گھر ۾ داخل ٿي الماڙي ۾ پيل روڪ رقم 80 ھزار ۽ سونا زيور کڻي وئي آهي پوليس جي روپ ۾ ڦورو ڦر ڪري ويا آهن ھنن وڌيڪ چيو ته اھلڪارن تشدد پڻ ڪيو تذليل ڪئي وئي آهي اعليٰ اختياريون ايس ايس پي قمبر ۽ وومين پروٽيڪشن سيل انچارج نوٽيس وٺي پوليس عملدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڏيارين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.