لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي ۾ ڪتن نينگر سميت 16 ڄڻڻ کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ مڏ فريد آباد ۾ رولو ڪتي ڳوٺ ڀرسان زرعي زمين ڏانهن وڃڻ دوران 10 ورهين جي يتيم مستاني نينگر شهمير پٽ ضمير گاڏهي مٿان حملو ڪري سندس جي جسم جي هيٺين حصي جو ماس پٽي کيس رتورت ڪري ڇڏيو نينگر جي رڙين تي گهر ڀاتين پهچي کيس رولو ڪتي کان ڇڏائي فوري طور چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي کيس ويڪسين لڳائي طبي امداد پڻ ڏني وئي. نينگر جي وارثن مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن کي مارڻ جي مهم هلائي معصوم ٻارڙن جي زندگين کي بچائي انصاف ڪيو وڃي.هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 5 سالن جو زوار، 6 سالن جو عزادار، 18 سالن جو سمير علي، 12 سالن جو شهمير، 33 سالن جو زبير، 18 سالن جو امتياز ابڙو ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي زخمين کي ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.