لاکا ۽ ڀرپاسي پاڻي جي کوٽ، ايس يو پي پاران نٽھڻ اس ۾ڌرڻو، 3 ڄڻا بيهوش 

مانجهند ( رپورٽ:  بابو عمراڻي )مانجهند تعلقي جي شھر لاکا ۽ ڀرپاسي جي 20 ڳوٺن ۾ وڏي عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي يوسي لاکا  جي سوين ڪارڪنن شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي  نٽھڻ اس ۾ هڪ ڪلاڪ  ڌرڻو هڻي پبلڪ هيلٿ کاتي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي.   ان موقعي تي تعلقه صدر مانجهند علي نواز ڪنڀر نياز محمد کوسو اصغر ميمڻ شفيق خاصخيلي عبدالرحمان چانڊيو  بابل کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت لاکا شهر ڳوٺ مير محمد کوسو ڳوٺ ڀورو کوسو ڳوٺ حاجي احمد خاصخيلي ڳوٺ بٺو ڳوٺ اميد علي برهماڻي ڳوٺ جادو خان جوڳياڻي سميت  يوسي لاکا جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جون واٽر سپلاء اسڪيمون ناڪاره بنجي ويون آھن جنهن سبب 10 هزار کان وڌيڪ آبادي پاڻي ڍڪ لاء دربدر آھي 5 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري پاڻي ڍوئڻ تي مجبور آھيون  پبلڪ هيلٿ کاتو ڪروڙين روپيا بجيٽ ھڙپ ڪري اگهور ننڊ ۾ ستل آھي  جنهن سبب رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي  هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت لاکا يوسي جي عوام کي فوري طور پاڻي ڏئي پريشاني کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويندو ڌرڻي ۾ گرمي لڳڻ سبب 3 ڪارڪن بهادر کوسو غفور ڪاڇي عباس علي ميمڻ بي هوش ٿي وياجن کي پاڻي هڻي هوش ۾ آندو ويو هوڏانهن مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف لڳايل علامتي بک هڙتال جي نائين ڏينهن پبلڪ هيلٿ کاتي جي ٽيم مانجهند پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري يقين دهاني ڪرائي عارضي طور احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو اڳواڻن يوسف عمراڻي اعجاز ميمڻ محمد قبول ڳنڀير ميڊيا کي ٻڌايو ت پبلڪ هيلٿ انتظاميا اٺن ڏينهن جي مهلت وٺي سموري آبادي تائين پاڻي پهچائڻ جو واعدو ڪيو آھي جيڪو پورو نه ٿيو ت ٻيهر سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.