بلڙي شاهه ڪريم ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

بلڙي شاھه ڪريم (رپورٽ: احسان علي انصاري) بُلڙي شاھه ڪريم سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪر يونين لاڳاپيل نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي سڏ تي آبادگارن ۽ ھاري اڳواڻن پاران ڳوٺ حاجي آدم ناھيون لڳ ڪنب شاخ  جي ٽيل تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي آبادگارن ۽ ھاري اڳواڻن لال بخش لالڻ سٺيو، حاجي ملوڪ ناھيون، حاڪم علي سٺيو، نورمحمد ناھيو ۽ ڪمال خان برھماڻي ميڊيا سان ڳالھالئيندي چيو آهي ته  سب ڊويزن گاجاواهھ جي ٽيل مان نڪرندڙ ڪنب شاخ جي منڊ جا بااثر زميندار  آبپاشي عملي سان ملي ڀڳت ڪري ڪنب شاخ کي ملندڙ پاڻي لفٽ مشينن ،ٽريڪٽر پلين زريعي سري عام چوري ڪري رھيا آھن .جڏھن ته ٻي طرف ڪنب شاخ جي پوڇڙيءَ جا آبادگار توڙي مالوند ماڻھو پاڻي جي ڦڙيءَ لاءِ پريشان آھن . ھنن  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ڪافي عرصي کان ڪنب شاخ ۾ واري سان پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو  پر شاخ جي پوڇڙيءَ تائين نٿو پھچي جنھن جي ڪري اسان جا زمين ۾ پوکيل فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي سڙي تباھ ٿي رھيا آھن .ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جا فصل نه رڳو سڪي تباھ ٿي رھيا آھن پر ھتان جي مالوند ماڻھن جو چوپايو مال ۽ پکي پکڻ  به پاڻي جي قطري لاء واجھائي رھيا آھن ھنن آبپاشي کاتي جي  انجنيئر اڪرم واھ ڊويزن، مينجنگ ڊائريڪٽرسيڊا، ۽ سيڊا جي چيئرمين سميت وزيراعظم پاڪستان وزيراعليٰ سنڌ کي اپيل ڪندي گھر ڪئي آھي ته سب ڊويزن گاجاواھ جي ٽيل مان نڪرندڙ ڪنب شاخ جي پوڇڙيءَ تائين پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اسان جا فصل سڪڻ کان بچي سگھن ۽ چوپايومال توڙي پکي پکڻ پاڻي پي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.