جھڏو ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

جھڏو  ( ن ع آ ) جهڏو ۾ بگي مائنر شاخ جي آبادگارن  پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو جمڙائو ڪئنال جي مين ٽيل بگي مائنر، سلور شاخ جي آبادگارن جليل انڙ، اياز کوسو، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، مير اعجاز ٽالپر، زمان جمالي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏجي سبزي منڊي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٽائون ڪميٽي وٽ مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي پوزيشن بهتر ٿيڻ باوجود بگي مائنر ۽ ٽيل جي ٻين شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ برقرار آهي غيرقانوني وارا بندي سبب پوکيل فصل سڪي سڙي تباهه ٿي رهيا آهن جڏهن ته جهڏو شهر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران سنگين ٿي ويو آهي پاڻي نه ملڻ سبب آبادگار توڙي شهري سخت پريشان آهن ٻي پاسي پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن ڪندڙ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ ۽ سندس ٽيم تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي جيڪو پوليس انتظاميا جي نااهلي آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري بگي مائنر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.