ڊگهڙي(ن ع آ) ڪجھ ڏينهن اڳ ڊگهڙي ڀرسان مريد مائنر شاخ تي پاڻي چوري روڪڻ لاء دوري تي آيل ناراڪئنال جي مانيٽرنگ ٽيم جي انچارج عبدالواسع شيخ ۽ سندس ٽيم تي ٿيل حملي ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڊگهڙي آفتاب رند هڪ وڌيڪ گهربل جوابدار ساجد عرف ورو خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس ذريعن موجب جوابدار جي گرفتاري ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ڇاپو هڻي ڪئي وئي آهي جوابدار خلاف آبپاشي کاتي جي عملدارن جي فرياد تي ڊيوٽي اٽڪاء ۽ حملي جو ڪيس داخل ٿيل هو.