ڦل لڳ وائلڊ لائيف ٽيم جو ڇاپو، همراهه گرفتار

ڦل ( ن ع آ ) وائلڊ لائيف پروٽيڪشن پوليس نوشھروفيروز جي ٽيم ڦل شھر ۾ گشت دوران بنا پرمنٽ جي پکي کڻي ويندڙ وقار علي ڀان کي  گرفتار ڪري ورتو ان سلسلي ۾ گيم انسپيڪٽر غلام مرتضي خشڪ، گيم واچر شمس الدين کوسو ۽ گيم واچر پرويز احمد ڀرٽ ٻڌايو ته ڊپٽي ڪنزرويٽو آفيسر شھيد بينظير آباد دارا منير قاضي جي ڏنل حڪم مطابق اسان ڦل شھر ۾ پرائيوٽ گاڏي ۾ گشت ڪري رهيا هياسين ته وقار علي ڀان نالي همراه کي اسان روڪي  چيڪنگ ڪئي ته هن وٽ هڪ ڪارڙو جنگهلي تتر جيڪو پڃري ۾ هيو ۽ ٻيو تتر ڪپڙي جي هڪ ڳوٿري ۾ پيل هيو اهو بنا پرمنٽ جي کڻي وڃي رهيو هيو ته اسان کيس کي گرفتار ڪري سندن وٽان 2 عدد ڪارڙا تتر برآمد ڪري کيس تي وائلڊ لائيف ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.