سکر واسي پيرسن هفتي کان گم، مدد جي اپيل

سکر( رپورٽر ) سکر غريب آباد واسي پيرسن هفتي کان لاپتا، وارث پريشان، ڳولا ۾ مدد جي اپيل، رپورٽ موجب سکر غريب آباد واسي 66 ورهين جو پيرسن ظفر علي ڪلوڙ عيد جي ٻي ڏينهن گهر ڀاتين سان ڪاوڙجي گهران نڪري ويو آهي، جنهن جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، سندس پٽ تنوير احمد  ٻڌايو آهي ته پيرسن والد گهر ڀاتين سان ڪاوڙجي عيد جي ٻي ڏينهن گھران نڪري ويو آهي، والد بابت ڪنڌرا سائيٽ وڃڻ جو اطلاع مليو، پر ڀر پاسي وارن علائقن ۾ گهڻي ڳولا باوجود والد جو ڏس پتو ناهي پيو، جنهن سبب گهر ڀاتي شديد پريشاني مان گذري رهيا آهن، هنن سکر پوليس وس وارن کي والد جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.