پرڏيهي سازش تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي: صدر جو وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي خط

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو پرڏيهي سازش بابت خط موجوده وزيراعظم ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي موڪليندي جاچ لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

صدر عارف علوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏنو آهي، جنهن ۾ هن حڪومت جي تبديلي لاءِ مبينا سازش جي جاچ تي زور ڏنو آهي.

جوابي خط ۾ صدر چيو آهي ته حڪومتي تبديلي جي مبينا سازش جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي، پاڪستاني عوام کي وضاحت ڏيڻ، معاملي کي انجام تي پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل شاهديون رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته مان عمران خان جو خط وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي جاچ ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن جوڙي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.