”ڪرپٽ ۽ مفرور شخص جي طلبي تي وفاقي ڪابينا جو لنڊن وڃڻ پاڪستان جي توهين آهي“

 

جهلم (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اربين رپين جي ڪرپشن ۾ مفرور شخص نواز شريف جي طلبي تي وفاقي ڪابينا جو لنڊن وڃڻ پاڪستان جي توهين آهي.

جهلم ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مريم نواز ۽ وڏو ڀاءُ فوج خلاف بيان ڏيندو آهي، ننڍو ڀاءُ بوٽ پالش ڪندو آهي، شرم ڪيو.

هن آصف زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن گدڙ جو موت ايندو آهي ته اهو شهر جو رُخ ڪندو آهي، توهان سنڌ کي لُٽيو، ظلم ڪيو ۽ جهاز ڀري پئسو ٻاهر موڪليو، هاڻ مان سنڌ اچي رهيو آهيان، سنڌ کي آزاد ڪرائيندس.

سندس چوڻ هو ان کان وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ملڪ جو سربراهه ٻاهر وڃي قرض وٺي، منهنجي دور ۾ نريندر مودي کي جرئت نه هئي ته اسان جي فوج خلاف ڳالهائي، ذوالفقار علي ڀٽو عوام لاءِ بيٺو ته ان خلاف به سازش ٿي، جنهن ۾ فضل الرحمان ۽ نواز شريف شريڪ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.