ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿي وئي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 1400 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو هڪ لک 34 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 15 هزار 226 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 3 ڊالر وڌڻ کانپوءِ 1863 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.